رهائش لاءِ دنيا جا بهترين شهر ڪهڙا آهن؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي آهي؟

جيڪڏهن اوهان ڪنهن نئين شهر ۾ رهائش جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيو ته ڪينيڊا يا يورپ منتقل ٿيڻ تي غور ڪري سگهجي ٿو.

اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ 2022 لاءِ سڄي دنيا ۾ رهائش لاءِ بهترين شهرن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

هن لسٽ ۾ سڄي دنيا جي 173 شهرن کي شامل ڪيو ويو جن جي درجي بندي سهولتن، ڏوهن جي شرح، سياسي استحڪام، ساوڪ ۽ ٻين شين کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي.

لسٽ ۾ پاڪستان جو هڪ ئي شهر ڪراچي شامل آهي جيڪو 173 مان 168هين نمبر تي آهي.

رهائش لاءِ سڀ کان بهترين شهرن ۾ يورپ اڳڀرو آهي ۽ ٽاپ 11 مان 6 يورپي شهر آهن.

لسٽ موجب آسٽريا جي راڄڌاني وياني کي دنيا جو بهترين شهر قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته گذريل ڀيري پهريون نمبر آيل نيوزيلينڊ جو شهر آڪلينڊ 34هين نمبر تي هليو ويو آهي.

ويانا کانپوءِ ڊينمارڪ جو شهر ڪوپن هيگن ٻئي، سوئٽزرلينڊ جو شهر زيورخ، ڪينيڊين شهر ڪيلگري گڏيل طور تي ٽئين جڏهن ته ڪينيڊا جو ئي هڪ ٻيو شهر وينڪوور پنجين نمبر تي آهي.

سوئس شهر جنيوا ڇهين، جرمني جو فرينڪفرٽ ستين، ڪينيڊا جو ٽورنٽو اٺين، نيدرلينڊز جو شهر ايمسٽرڊيم نائين جڏهن ته جاپاني شهر اوساڪا ۽ آسٽريليا جو شهر ميلبوررن گڏيل طور تي ڏهين نمبر تي آهن.

ان جي ڀيٽ ۾ دنيا ۾ رهائش لاءِ سڀ کان اڻ وڻندڙ شهرن ۾ تهران، دوالا، هراري، ڍاڪا، پورٽ مورسبي، ڪراچي، الجزائر، تريپولي، لاگوس ۽ دمشق شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.