ناليواري ماڊل، انفلوئنسر ۽ اڳوڻي مس برازيل گليسي ڪوريا ٽانسلز جي معمولي سرجري ڪرائڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب گليسي هلندڙ سال اپريل ۾ مقامي ڪلينڪ مان ٽانسلز جي سرجري ڪرائي، جنهن جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس طبعيت بگڙي وئي ۽ مسلسل رت وهڻ لڳو.
ڪجهه ڏينهن ۾ ئي ماڊل سميت ان جا گهرڀاتي ڇرڪجي ويا، جڏهن گليسي کي برين هيمرج ۽ دل جو دورو پيو، جنهن کانپوءِ هوءَ ڪوما ۾ هلي وئي، جڏهن ته 20 جون تي گليسي علاج دوران لاڏاڻو ڪري وئي.
واضح رهي ته 27 ورهين جي گليسي 2018 ۾ مس برازيل جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.