”انٽرنيٽ بندش انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ جمهوريت جي خلاف آهي“

گڏيل قومن سڄي دنيا جي ملڪن کان انٽرنيٽ سورس جي بندش يا ان ۾ رنڊڪ روڪڻ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ائين ڪرڻ سبب سنگين خطرناڪ نتيجن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو .

گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪميشن هڪ نئين رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي هت انٽرنيٽ جي بندش جي ڪري لکين ماڻهن جو حياتيون ۽ انساني حقن تي ڊرامائي اثر پوندا آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، انٽرنيٽ بندش جي نتيجي ۾ ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽرن سان رابطا ناهي ٿي سگهندو، ورٽر اميدوارن بابت معلومات حاصل ڪرڻ کان لاچار هوندا آهن ۽ پر امن مظاهرين ڪنهن پرتشدد حملي تي مدد لاءِ سڏ ناهن ڏئي سگهندا.

گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪمشنر مشيل باشليٽ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهڙي قسم جي بندش اهڙي وقت ۾ ڪئي پئي وڃي جڏهن ڪيترن کي حقن لاءِ ڊيجيٽل دنيا ضروري بڻجي وئي آهي.

هن چيو ته انٽرنيٽ کي بند ڪرڻ سان مالي ۽ انساني حقن ٻنهي حوالي سان وڏو نقصان ٿيندو آهي.

انساني حقن جي ڪميشن جي عهديدار پيگي هڪس چيو ته پهرين دفعو انٽرنيٽ جي بندش عالمي ڌيان جو مرڪز ان وقت بڻي جڏهن مصر جي تحرير اسڪوائر ۾ احتجاج ٿي رهيو هو، ان کانپوءِ اسان اهو لاڙو سڄي دنيا ۾ ڏٺو آهي.

سندس چوڻ هو ته اڪثر اهڙي قسم جي بندش انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي هوندي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته رپورٽ جو اهم نڪتو اهو آهي ته اهڙي قسم جي بندش جو مطلب آهي ته اوهان انساني حقن جي حوالي سان ڳڻتي وڪورڻ لڳي آهي.

رپورٽ ۾ چاڻايو ويو آهي ته سال 2016ع کان 2021ع دوران 74 ملڪن انٽرنيٽ بندش جا 931 واقعا رڪارڊ ٿيا، ڪيئي هنڌن تي انٽرنيٽ تائين پهچ کي هر هر روڪيو ويو يا ڊگهي عرصي تائين بند رکيو ويو .

پيگي پڪس زور ڏنو انٽرنيٽ جي بندش جي حوالي سان تفصيل گڏ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ڇاڪاڻ ته ڪيئي ڀيرا آن لائين پليٽ فارمز تائين پهچ کي بلاڪ ڪيو ويندو آهي يا موبائيل سروس کي محدود ڪري ويندو آهي.

هن چيو ته اهڙي قسم جي بندش جهمورت جي خلاف آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.