پاسدرانِ انقلاب جي انٽيليجنس يونٽ جي سربراهه کي عهدي تان هٽايو ويو

ايراني پاسدرانِ انقلاب اينٽيليجنس يونٽ جي سربراهه حسين طائب کي عهدي تان هٽايو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب 12 ورهين تائين پاسدارن انقلاب انٽيجليجنس يونٽ جي سربراهه رهندڙ حسين طائب کي  پاسدرانِ انقلاب جي ڪمانڊر انچيف ميجر جنرل حسين سلامي جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.

محمد ڪاظمي کي پاسدرانِ انقلاب انٽيليجنس يونٽ جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.

ايراني ميڊيا طرفان حسين طائب کي عهدي تان هٽائڻ جو ڪارڻ ناهي ڄاڻايو ويو.

رپورٽن موجب اسرائيلي ميڊيا حسين طائب تي ترڪي ۾ اسرائيلي سياحن تي امڪاني ايراني حملي ۾ ملوث هئڻ جي الزام لڳايو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.