ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ ٿي آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 4600 رپين جي وڏي لاٿ ٿي آهي.
4600 رپين جي لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 40 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 943 رپيا گهٽتائي کانپوءِ هڪ لک 20 هزار 628 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 8 ڊالر وڌڻ کانپوءِ 1831 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.