ڪراچي وري ڪورونا جي نشاني تي، ڪيسن جي شرح ۾ ڇرڪائيندڙ واڌ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ تيزيءَ سان واڌ اچڻ لڳي.

صحت جي قومي اداري موجب ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 21 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ ڪورونا جون 650 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 138 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ شهر ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 21.23 سيڪڙو رهي.

سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جو ڪو ڪيس رپورٽ نه ٿيو.

واضح رهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي مجموعي شرح 2.14 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.