صحت: ڪينسر جي دوا  دل جي دوري سبب ٿيندڙ نقصانن جو به ازالو ڪري سگهي ٿي

هڪ تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪينسر جي هڪ دوا مستقبل ۾ دل جي دوري سبب متاثر ٿيندڙ مريضن جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگهبي.

برطانيا جي يونيورسٽي آف برسٽل ۾ ڪوئن تي ڪيل تجربن ۾ اهو انڪشاف ٿيو آهي ته دوا جي روزاني استعمال ذريعي دل جي دوري پوڻ کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن کان بچڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

ايم اي ڪي انهيبيٽر نالي دوا نين صحت مند رت جي شريانن جي واڌ ويجهه پڻ وڌائيندي آهي.

اهي مريض جن کي عام طور تي شريانيون بند ٿيڻ سبب دل جو دورو پوندو آهي ۽ کين دل جي حرڪت بند ٿيڻ جهڙا مسئلا پيش ايندا آهن،  ڇاڪاڻ ته رت جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي دل جي حصن کي پڻ نقصان رسائيندي آهي.

اها اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته دوري پوڻ جي ڪجهه دير کانپوءِ دوا ڏيڻ سان صحت مند رت جي رواني برقرار رهندي ۽ اها دل کي صحتمند رکندي.

جن ڪوئن کي دل جي دوري کانپوءِ اها دوا ڏني وئي انهن ۾ 90 سيڪڙو ڪوئا ٻن هفتن کان به وڌيڪ جيئرا رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.