دنيا جي سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ٽاپ 10 سمارٽ فونز جي فهرست جاري

سڄي دنيا ۾ هن وقت جيڪي سمارٽ فون سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندا آهن، انهن ۾ ايپل جا آءِ فونز سرفهرست آهن.

سمارٽ فونز جي وڪرو جا انگ اکر جاري ڪندڙ ڪمپني ڪائونٽر پوائنٽ هڪ رپورٽ ۾ اپريل 2022ع ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ 10 ڊيوائسز بابت ٻڌايو آهي.

رپورٽ موجب اپريل ۾ سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فون آءِ فون 13 هو جنهن جو مارڪيٽ ۾ شئير 5.5 سيڪڙو رهيو.

3.4 سيڪڙو مارڪيٽ شيئر سان آءِ فون 13 پروميڪس ٻيون سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فون هو جڏهن ته ٽئين نمبر تي ان ئي سيريز جو آءِ فون 13 پرو موجود آهي.

چوٿين پوزيشن تي سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فون به ايپل جو ئي هو، ۽ اهو 2020 وارو آءِ فون 12 هو جنهن جو مارڪيٽ شيئر 1.6 سيڪڙو رهيو.

پنجين ۽ ڇهين نمبر تي سام سنگ گليڪسي ايس 22 الٽرا فائيو جي ۽ سام سنگ گليڪسي اي 13 هو.

ايپل جو نئون آءِ فون ايس اي 2022ع ان فهرست ۾ ستين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته سام سنگ گليڪسي اي 03 ڪور جي حص ۾ 8 هون نمبر آيو.

سام سنگ گليڪسي اي 53 فائيو جي نائين نمبر تي رهوي جڏهن ته شيائومي جو ريڊمي نوٽ 11 ايل ٽي اي سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فونز جي فهرست ۾ ڏهين پوزيشن ماڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.