حڪومت غريب عوام کي رليف ڏيڻ بدران وڌيڪ بار وجهي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيلٽي اسٽورن تي ڪيتريون ئي شيون مهانگو ٿيڻ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ دالين جي قيمتن ۾ به وڏي واڌ ٿي وئي.

يوٽيلٽي اسٽورن تي دالين جي اگهن ۾ وڏي واڌ ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب چڻن جي دال جي قيمت ۾ 28 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ چڻن جي دال جي قيمت 162 رپين مان وڌي 190 رپيا ٿي وئي آهي.

نون اگهن موجب اڇا چڻا 87 رپيا مهانگا ٿيڻ کانپوءِ 213 رپيا في ڪلو مان وڌي 300 رپيا في ڪلو ٿي ويا، مهري جي دال 55 رپيا في ڪلو تي واڌ کانپوءِ 215 رپيا في ڪلو مان وڌي 270 رپيا ٿي وئي آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف برانڊن جون ٽوٿ پيسٽس، ٿانون ڌوئڻ جا صابڻ، ماچيس، مصالحه ۽ ٻيون شيون مهانگيون ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جي هڪ ڏينهن کانپوءِ ئي داليون به مهانگيون ڪيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.