انسٽاگرام اڪائونٽ ٺاهڻ لاءِ پهريان ” سڃاڻپ ڪارڊ “ ٺهرايو

انسٽاگرام واهپيدارن جي عمر جي تصديق لاءِ نون فيچرن جي ٽيسٽنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.

فوٽو شيئرنگ ايپ موجب آمريڪا ۾ ٽولز جي آزمائش شروع ڪئي پئي وڃي.

ٽولز تحت واهپيدارن ٻين کان پنهنجي عمر جي تصديق ڪرائيندا يا ويڊيو سيلفي اپ لوڊ ڪري ڪمپني کي خاطري ڪرائيندا ته سندن عمر 18 ورهيه يا ان کان وڌيڪ آهي.

هاڻي جيڪڏهن ڪو 18 ورهين کان گهٽ عمر وارو واهپيدار پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ ۾ پيدائش جي تاريخ بدلائي پنهنجي عمر 18 سالن کان وڌيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڪمپني طرفان سڃاڻپ ڪارڊ اپ لوڊ ڪرڻ، ويڊيو سيلفي يا دوستن کان عمر جي تصديق ڪرائڻ جو چيو ويندو.

انسٽاگرام موجب ويڊيو سيلفي ٽيسٽ لاءِ هن برطانوي ٽيڪنالوجي ڪمپني يوٽي سان ڀائيواري ڪئي آهي.

اها ڪمپني چهري ذريعي ڪنهن به ماڻهو جي عمر جو اندازو لڳائي سگهي ٿي.

ميٽا ۽ يوٽي چيو آهي ته ڪنهن به همراهه جي ڊيٽا کي اسٽور نه ڪيو ويندو ۽ عمر جي تصديق کانپوءِ ان کي ڊيليٽ ڪيو ويندو.

دوستن جي تصديق جي فيچر ۾ واهپيدارن کي چيو ويندو ته هو پنهنجي ٽن فالوورز کي نامزد ڪن جيڪي عمر جي تصديق ڪندا.

نامزد فالوورز جي عمر 18 سال يا ان کان وڌيڪ هئڻ لازمي هوندي، جڏهن ته ڪجهه ٻين شرطن تي پورو لهڻ پرڻ ضروري هوندو، جنهن جي وضاحت ڪمپني ناهي ڪئي.

ٽولز جي آزمائش جو مقصد گهٽ عمر وارن واهپيدارن کي اڻوڻدڙ مواد کان تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.

انسٽاگرام ٻڌايو ته ڪنهن فرد جي عمر جو آن لائين فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي، پر اسان انڊسٽري ۽ حڪومتن سان گڏجي ان معاملي تي واضح معيار قائم ڪرڻ چاهيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.