دعا زهرا جي پيءَ جي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست خارج

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف دعا زهرا جي پيءَ جي درخواست خارج ڪندي کيس ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطي جي هدايت ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ 3 رڪني بئنچ دعا زهرا جي پيءَ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته والدين سان ملاقات ڪرائي وئي هئي، جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته مختصر ملاقات ڪرائي وئي.

ٻڌڻي دوران عدالتي پڇاڻي تي دعا زهرا جي پيءَ چيو ته 5 منٽن لاءِ چيمبر ۾ ملاقات ڪرائي وئي، ان موقعي تي ڪمري ۾ 15 کان 20 پوليس اهلڪار به موجود هئا.

جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بيان رڪارڊ ڪيو ۽ چيو ته ٻارڙي جنهن سان چاهي وڃي سگهي ٿي.

جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته توهان ميڊيڪل بورڊ کي چئلينج ڪيو آهي، جنهن تي وڪيل چيو ته اسان صحت سيڪريٽري کي ان حوالي سان خط لکيو آهي.

جسٽس منيب اختر وڪيل کي چيو ته توهان نه ٿيو، اسان توهان جو قدر ڪيون ٿا، قانوني نڪتن تي عدالت جي مدد ڪيو، جنهن تي وڪيل چيو ته پوليس اغوا جو ڪيس سي ڪلاس ڪري ڇڏيو آهي.

جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته ٻارڙي ٻن عدالتن ۾ وڃي چئي ڇڏيو ته مون کي اغوا ناهي ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جاچ آفيسر کي ڪيس جو چالان ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو چيو هو، ٻه رڪني بئنچ سامهون ڏنل دعا زهرا جو بيان پڙهو.

جسٽس منيب اختر درخواست گذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته شادي کي جيڪڏهن چئلينج ڪرڻو هجي ته ڪٿي ڪندئو؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ته فيملي ڪورٽ ۾ شادي کي چئلينج ڪيو ويندو آهي.

جسٽس محمد علي مظهر وڌيڪ چيو ته ڇوڪري عدالت جي اندر ايترا بيان ڏئي رهي آهي، جيڪڏهن توهان جي ملاقات ٿي وڃي ها ۽ ڇوڪري چئي ها ته مون کي مڙس سان وڃڻو آهي ته پوءِ ڇا ٿئي ها، ڇوڪري هاءِ ڪورٽ ۽ مئجسٽريٽ سامهون بيان ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت وڪيل کان پڇيو ته پنجاب جو چائلڊ ميرج ايڪٽ ڇا ٿو چئي؟ ان معاملي ۾ ڪيترا ماڻهو گرفتار ٿيا هئا، جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته نڪاح پڙهندڙ ۽ هڪ شاهد گرفتار آهن.

عدالت چيو توهان 6، 8 ڪلاڪ ٻارڙي سان ملو، صبح 10 وڳي کان 2 وڳي تائين ملو، توهان ۽ توهان جي گهرواري تسلي سان ملن ۽ پڇن تي هن تي ڪو دٻاءُ ته ناهي، جيڪڏهن پوءِ به ٻارڙي توهان سان گڏ نه وڃڻ چاهي ۽ چئي مان خوش آهيان ته توهان ڇا ڪندئو؟

جسٽس سجاد علي شاهه دعا زهرا جي پيءَ کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڇا ٿا چاهيو؟ اسان کي توهان جي جذبن جو احساس آهي پر ٻارڙي پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪئي آهي، ان جا به حق آهن.

مهدي ڪاظمي جي وڪيل جي درخواست واپس وٺڻ جي اپيل تي سپريم ڪورٽ درخواست خارج ڪري ڇڏي ۽ کين لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته لاڳاپيل ڪيس اسان جي اختيارن جي دائري ۾ ناهي.

پر فيصلو ٻڌائيندي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ مناسب فورم سان رابطو ڪري سگهو ٿا يا جيڪڏهن توهان ڪو رليف وٺڻ چاهيو ٿا ته توهان کي سول عدالت سان رابطو ڪرڻ گهربو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.