سانوڻي جي پهرين وسڪاري کانپوءِ موسم خوشگوار، بجلي جي گهرج ۾ به گهٽتائي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ موسم جي بهتري کانپوءِ بجلي جي گهرج  ۾ گهٽتائي آئي آهي.

نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني ( اين ٽي ڊي سي ) جي ذريعن موجب چوماسي جي برساتن سبب موسم جي صورتحال بهتر ٿيڻ سبب بجلي جي گهرج ۾ به گهٽي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 5000 ميگاواٽ ٿي ويو، ۽ گهرج 21000 ميگاواٽ آهي.

ذريعن موجب ننڍن شهرن ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت ڇهه ڪلاڪ ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.