عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيو ته ملڪ ۾ جيڪو ٿي سگهيو ڪنداسين: مفتاح اسماعيل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته يقين ڏياريان ٿو ته عالمي منڊي ۾ تيل سستو ٿيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ٿي سگهيو، اهو ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته اسان بجيٽ ۾ ڪو به ٽيڪس ناهي وڌايو، اسان غريب ماڻهن تي ٽيڪس جو بار ناهي وڌو، شوگر ملز تي ٽيڪس وڌايو آهي، اميرن تي ٽيڪس وڌائي رهيا آهيون.

هن چيو ته  آءِ ايم ايف سان معاهدي لاءِ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته چين مان سومر تائين پئسا اچي ويندا.

ناڻي واري وفاقي وزير جو چوڻ ھو تھ عمران خان حڪومت پاڪستان جو ڏيوالو ڪڍڻ واري موڙ تي ڇڏي وئي، اسان کي 200 ارب رپين جو خسارو مليو، اسان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت وڌائي پاڪستان کي ڏيوالپڻي مان بچايو آھي، عمران خان ٻڌائي تھ پاڪستان کي سري لنڪا ڇو بڻائڻ وڃي رھيو ھو، اسان سڄي رات ويھي ڪري آءِ ايم ايف سان ڳالھيون ڪندا آھيون ان جي ڪري پاڪستان جو ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو.

هن وڌيڪ چيو ته پهرئين ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته  پئٽرول جا اگهه وڌائڻ لازمي آهي، اهو فيصلو وزيراعظم لاءِ تمام ڏکيو هو، اسان هڪ هڪ شيءَ جا ذميوار آهيون، ڀلي اسان جي غلطي هجي يا نه هجي، اسان جي ذميواري آهي ته ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايون، اسان پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگهه وڌائي ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو.

مفتاح اسماعيل چيو ته مارڪيٽ ۾ هيٺ مٿي ٿيندي رهندي آهي، پر اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري آئي ۽ پاڪستاني رُپيو مستحڪم ٿيڻ لڳو آهي.

ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙيو ۽ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽايا، هاڻي عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه ڏسي رهيا آهيون، يقين ڏياريان ٿو ته جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي آئي ته ملڪ جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين اهو ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.