سياسي جماعتن جو عوام سان ختم ٿيندڙ نظرياتي لاڳاپو

شڪيل سلاوٽ

ملڪ ۾ سياسي جماعتون آهستي آهستي عوام سان پنهنجو نظرياتي رشتو ختم ڪنديون پيون وڃن.اهو نطرياتي رشتو جيڪو سڃاڻپ هوندو آهي.ڪنهن به سياسي جماعت جي کاٻي يا ساڄي ڌر هئڻ جو يا ائين چئجي ته عوام کي پنهنجي پنجن سالن جي حڪومتي دور ۾ جيڪي واعدا ڪرڻا هوندا آهن،اهي چونڊ منشورن ۾ ڪيا ويندا آهن،مان هن مضمون جو ليکڪ 1970 جي چوندن کان سياسي جماعتن جي منشورن جو غور۽ دلچسپيءَ سان اڀياس ڪندو  رهيو آهيان.

مونکي 2008 جي چونڊن جي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن شهيد محترمه بي نظير ڀٽو جو بلاول هائوس ڪراچي ۾ اهو پرجوش ۽ جذباتي طور تي 2008 جي چونڊن جي منشور  جي تقرير ۽ منشور کي لهرائڻ اڄ پڻ ياد آهي،اهو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي،پر جيڪو نظر نه پيو اچي ته هاڻي اهو رشتو سياسي جماعتن جو عوام سان، ووٽرز سان جيڪو انهن جي مسئلن جي حل جي لاءِ  هوندو هو.هاڻي ته عوام غربت جي چڪي جي ٻن پڙن پيٽرول ۽ بجلي جي وچ ۾ پيسجي رهيو آهي.

 اڄ ڪلهه ملڪ ۾ برساتن جي موسم آهي، هر طرف چهرن تي خوشي ڏسڻ جي لاءِ ملي ٿي ۽ اسان جي هاري جي چهري تي خوشيءَ جي لالي ڏسجي پئي ڇاڪاڻ جو هاڻي ٻني لاءِ پاڻي ميسر هوندو،فصل سٺا ٿيندا،بلڪل اهڙي طرح هاڻي ملڪ ۾ وري چونڊن جي موسم شروع ٿي رهي آهي،وفاق سميت چئني صوبن ۾ بجيٽ پيش ٿي چڪي آهي،اهي پيش ڪيل بجيٽ واري  30 جون تائين منظو ر به ٿي وينديون.پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف پاران  هاڻي گري لسٽ مان نڪرڻ جو به اشارو ڏنو ويو آهي،اميد آهي ته هاڻي دوست ملڪ به پاڪستان جي مالي مدد ڪندا،اهي سڀ ڳالهيون ته ٿينديون پر اصل ڳالهه هي آهي ته عوام جو ڇا ٿيندو،روزگار جا موقعا ڪيئن پيدا ٿيندا،غربت ڪيئن گهٽ ٿيندي ۽ عوام کي ماضي جيان سياسي شعور ڪيئن ملندو،ڇاڪاڻ ته سياسي شعور تي تعليمي ادارن ۾ يونين سازي سان پيدا ٿئي ٿو،هارين ۾ سياسي شعور ته انهن جي تنظيمن سان پيدا ٿئي ٿو،پورهيتن ۾ يونين سازي سان سياسي شعور پيدا ٿيندو آهي،بهرحال هاڻي ته صرف اهو ئي چيو ويندو آهي ته اسان جي سياسي جماعت جا اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا سٺا آهن،يا وري اسان کي عدليه جي حمايت حاصل آهي،اسان چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وٺندا سين.

عجيب منطق آهي اسان جي سياسي جماعتن جا ڪارڪن ته دل سان خلوص واري  جذبي سان پنهنجي پنهنجي پارٽي سان لاڳاپيل رهن ٿا،پر ضروت ان ڳالهه جي آهي يا وري جيڪو ڪجهه انهن ڪارڪنن کي نٿو ملي سو آهي پابندي سان جمهوري طريقي سان پارٽي ۾ چونڊن جو ٿيڻ ۽ پارٽي نظرئي ۽ سوچ جي لاءِ اسٽڊي سرڪل جي ڪلاس پر اهو سياسي ڪم هاڻي ڪير ڪندو ۽ ڇو ڪندو ؟افسوس صد افسوس، اسين پنهنجو گهڻو نقصان ڪري رهيا آهيون،سياسي ڪارڪن ۽ ليڊر پيدا نه ڪري اسان سياسي ميدان ۾ وڏو نقصان ڪري رهيا آهيون. هاڻي به وقت ويو نه آهي،اسان جي سيا سي پارٽين کي گهرجي ته اهي هيٺين سطح تي پنهنجن سياسي ڪارڪنن سان هر حال ۾ رابطو رکن.۽ هڪ مضبوط رابطي جو نظام قائم ڪن،ته جيئن جڏهن سياسي محاذ تي ڪاميابي ملي ته  نطرياتي ڪارڪن ۽ ليڊر پارٽي کي وڌيڪ اڳتي وڌائين.

جيڪڏهن اسان پنهنجي سياسي جماعتن کي ڏسون جيڪي اقتدار ۾ اينديون  آهن ته انهن اندر ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي جماعتون پنهنجن نظرياتي ڪارڪنن ۽ ليڊرن کي ڇڏي ڪري انهن ميمبرن يا سياسي ڪارڪنن کي اڳتي آڻينديون آهن جيڪي پارٽي کان گهڻو پري هوندا آهن،جن جو ڪڏهن پارٽي سان ڪو تعلق به نه رهيو هوندو آهي،اهڙين حالتن ۾ ظاهر آهي ته پارٽي کي گهڻو نقصان کڻڻو پوندو آهي ۽ اقتدار جي ٻيڙي ٻڏي ويندي آهي،پاڪستان ۾ سڀني کان اڳ ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) هئي جيڪا مڪمل طور تي نظرياتي ماڻهن تي ٻڌل جماعت هوندي هئي پر ان بعد 1967 ۾ ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان پيپلزپارٽي جي نالي سان سياسي پارٽي قائم ڪئي ۽ ان پارٽي اٽي لٽي اجهي جو نعرو ڏنو ان سان گڏ طاقت جو سرچشمو عوام کي قرار ڏنو ويو.جڪي نعرا اڳتي هلي ڪري پارٽي جو نظريو بڻجي ويا ۽ هاڻي پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ان کي ڀٽوازم جي نالي سان ياد ڪندا آهن،اها ڳالهه درست آهي ته ڀٽو ازم ئي عوام جي مشڪلات ختم ڪري سگهي ٿو،پر ان ڀٽو ازم تي ڪير ڪم ڪري ان نظرئي کي ڪير اڳتي وڌائي، ان کي ڪيئن عام ڪيو وڃي،لياري ۾ لڳندڙ نعرو ”دال روٽي کائينداسين ،ڀٽي کي آڻيداسين”ڪيئن جذبي سان عام ٿيو هو.هي هڪ فڪر ڪرڻ جوڳو لمحو آهي ته هاڻي نظرين تي ڪيئن ڀرپور نموني ڪم ٿئي .

اهڙي طرح مسلم ليگ ن جو نعرو به جڏهن کان ميان نوازشريف اختيار ڪيو هو ته”ووٽ کي عزت ڏيو“ اهو ڇا نظريو بڻجي ويو آهي يا وري اهو نعرو صرف ووٽ جي وقار کي ڇيهو رسائيندڙن جي لاءِ ناپسنديدگيءَ جو اظهار آهي. انهن ڳالهين جي لاءِ به مسلم ليگ ن جي هيٺين سطح تي ڪارڪنن کي پڙهايو وڃي ۽ انهن سان رابطو رکيو  وڃي. ٽين اهم نظرياتي جماعت عوامي نيشنل پارٽي آهي جيڪا باچا خان ۽ ولي خان جي نظريئي جي امين آهي،انهن جو نظريو نعپ جي سياست جو تسلسل آهي پر هاڻي اها جماعت صرف قومپرست بڻجي وئي آهي.نيشنل پارٽي به هاڻي ڊاڪٽر مالڪ جي صدارت ۾ بابا غوث بخش بزنجو جي فڪر جي امين بڻجي ڪري ميرحاصل خان بزنجو جي وفات کانپوءِ ٻيهر بلوچستان ۾ سرخرو ٿي رهي آهي،ڇاڪاڻ جو عوامي نيشنل پارٽي پنهنجي نظرئي ۽ ڪارڪنن کي ميڙي مٺ ڪري ورتو آهي،گڏيل طور تي گڏجاڻيون ڪن ٿا،تعميري تنقيد ئي ان جي ترقي جو راز آهي.

پاڪستان جي سياسي جماعتن وٽ هاڻي به موقعو آهي ته اهي پنهنجن ڪارڪنن کي نظرين ۽ چونڊ منشور جي پوري پوري تعليم ڏين،رابطا قائم ڪن،اهو هيٺن سطح تائين هئڻ گهرجي، نه ته به ڪجهه نه ڪجهه ته ڪري سگهن ٿا.غيرسياسي قوتن جي لاءِ هن وقت به سياسي ڌريون ۽ انهن جا نظرياتي ڪارڪن هڪ وڏي حقيقت آهن.اها حقيقت قائم رهڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.