ملڪ اندر ڪاغذ جو بحران ۽ ان جا هاڃيڪار نتيجا

ملڪ اندر ڪاغذن جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، جنهن سبب نه رڳو ڪاغذ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، پر ڪيتريون ملڪي اخبارون پنهنجا صفحا گهٽائي چڪيون آهن ساڳئي وقت ڪيتريون ئي اخبارون اهڙيون آهن جن پاران هفتي ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ مئگزينون نڪرنديون هيون جن مئگزينن جو چڱو انگ ڪاغذن جي قيمتن وڌڻ سبب بند ٿي ويو آهي. انهن مئگزينن ۾ ملڪ اندر نڪرندڙ مڙني ٻولين جون مئگزنون شامل آهن.

ٻئي پاسي علمي ادبي ادارن پاران ڇپجندڙ ڪتابن ۾ پڻ چڱي گهٽائي اچي وئي آهي، جنهن ڪري علمي ادبي ڪتابن کي ڇاپڻ جو سلسلو گهٽجي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ته اڳتي هلي نه رڳو سرڪاري ادارن پاران ڇپجندڙ ڪتاب گهٽجي ويندا پر نجي علمي ادبي ادارن پاران پڻ ڪتابن ڇپجڻ جو سلسلو گهٽجي ويندو.

ملڪ جا اهي مڙئي ادارا جيڪي ڪتاب ڇاپيندا آهن اهي پني جي قيمتن وڌڻ سبب پنهنجن ڇاپيل ڪتابن جون قيمتون ايتريون رکي رهيا آهن جو اهي ڪتاب عام پڙهندڙ جي خريد ڪرڻ کان مهانگا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ اهو يقين سان ڏٺو ويو آهي ته ڪتابن پڙهڻ وارو طبقو يا ته هيٺيون وچولو طبقو آهي، يا شاگرد طبقو آهي، ڇاڪاڻ ته مٿئين طبقي جو ڪتابن پڙهڻ ڏانهن ڌيان تمام گهٽ رهيو آهي.

هاڻ جڏهن پني جي قيمتن ۾ واڌارو اچي رهيو آهي ته ظاهر آهي ڪتابن جون قيمتون پڻ وڌنديون، جنهن جو اثر انهن ڪتاب پڙهندڙن تي سڌوسنئون پوندو جيڪي ڪتابن جا شوقين آهن واڌ اهو طبقو آهي، جنهن کي ادبي طبقو چئي سگهجي ٿو. جن جو پڻ چڱو انگ ادبي ادارن نه هجڻ يا گهٽ هجڻ سبب پنهنجا ڪتاب پاڻ ڇپائي ٿو ۽ دلي خوشي محسوس ڪري ٿو. انهن پاران پني مهانگي ٿيڻ ڪارڻ جهڙوڪر ڪتاب ڇپائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. جڏهن ته اسانجي  ملڪ جهڙن ملڪن ۾ اڳ ئي ڪتابن پڙهڻ جو رواج عمل ۾ گهٽ آهي. ڪتابن ڇاپڻ جا نجي ادارا ڪيتري ئي عرصي کان گهٽجي رهيا آهن ۽ جيڪي بچيا آهن شايد اڳتي هلي اهي پڻ بند ٿيڻ لڳن.

ٻئي پاسي ميڊيا ۾ آيل خبرن موجب آل پاڪستان پيپر مرچنٽس ايوسيئيشن جي اڳواڻن ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته ڪاغذ مهانگو ٿيڻ سبب مارڪيٽ ۾ ٽيڪسٽ بڪ  ڇپجڻ جو مسئلو به ڪر کڻي رهيوآهي، اڄ ڪلهه  مارڪيٽ ۾ ٽيڪسٽ بڪ پڻ موجود نه آهن. شاگرد ڪتاب فوٽو اسٽيٽ ڪرائي پڙهڻ چاهين ٿا تڏهن به هنن لاءِ مشڪل ٿي پيو آهي ڇاڪاڻ ته فوٽو اسٽيٽ لاءِ پنو  مهانگو هجڻ ڪري، ڪتاب مهانگا فوٽو اسٽيٽ ٿيڻ لڳا آهن. ممڪن آهي ته  نصابي ڪتاب پڻ آگسٽ کانپوءِ شاگردن کي نه ملي سگهن، ڪاغذ جي قيمتن وڌڻ سبب  جيڪو ڪتاب شاگردن کي ٻن سون ۾ ملي ويندو هئو، اهو هاڻ کين پنجن سون کان گهٽ ملي نه سگهندو ان ڪري هنن سرڪار کان گهر ڪئي آهي ته کين ڪاغذن ٻاهران گهرائڻ جي نه رڳو اجازت ڏني وڃي پر ڪاغذ تي ڊيوٽي ۽ ٽيڪس گهٽايا وڃن يا انهن کي ٽيڪس وغيره کانسواءِ ڪاغذ ٻاهران گهرائڻ جي اجازت ڏني وڃي جيئن شاگردن وغيره کي مناسب قيمتن تي ڪتاب ميسر ڪري ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ ڪتاب خريد ڪرڻ سندن وس کان ٻاهر ٿي ويندا.

ماضي ٻڌائي رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ اڳ ئي ٻين ڪيترين شين کان ڪتابن جا اگهه وڌيڪ رکيا ويندا آهن. فقط سارڪ جي ملڪن کي ڏٺو وڃي، جن ملڪن جي تنظيم جو پاڪستان پڻ هڪ ميمبر آهي  انهن ملڪن ۾ ڪتابن جي اگهن ۽ پاڪستان ۾ ڪتابن جي اگهن ۾ ڪافي فرق رهندو آيو آهي، جڏهن ته هن تنظيم ۾ شامل ملڪن پاران علمي ادبي ڪتابن جي مٽا سٽا لاءِ پوسٽ جي اگهن ۾ گهٽائيءَ تي زور  ڏنو ويندو رهيو پر هن ملڪ پنهنجي پوسٽ جي اگهن ۾ ايترو واڌارو ڪري ڇڏيو جو ٻين ملڪن ڪتابن جي مٽاسٽا واري عمل تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو. هاڻي به پوسٽ جا اگهه ٻين سارڪ تنظيم جي مڙني ملڪن کان پاڪستان جا وڌيڪ آهن، جنهن ڪري علمي، ادبي ڪتابن جي پاڪستان سان مٽاسٽا هڪ خواب بڻيل آهي ۽ هاڻي ته ملڪي سطح تي ڪاغذ جو ملهه ايترو وڌايو ويو آهي جو ٽيڪسٽ جي ڪتابن جو ڇپجڻ پڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. ملڪي پبلشنگ ادارا بند ٿي رهيا آهن. رسالا ۽ اخبارون سُسي رهيون آهن انهن جا صفحا گهٽجي رهيا آهن جنهن سبب لکڻ پڙهڻ وارن ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي ڏکيائيون ٿي رهيون آهن.

پاڪستان پيپرس مرچنٽس ايسوسيئيشن اهو پڻ چتاءُ ڏنو آهي جيڪڏهن ڪاغذ ٻاهران گهرائڻ جي عمل ۾ آساني نه ڪئي وئي ته ممڪن حد تائين ملڪ ۾ ڪتابن ڇاپڻ ڏکيو  ٿي پوندو جنهن سبب نصاب جا ڪتاب شاگردن کي ملڻ ڏکيا ٿي ويندا ۽ ملڪ جي تعليمي نظام ۾ گهڻي حد تائين رڪاوٽون پئجي وڃڻ جا امڪان آهن.

مٿيون سڀ ڳالهيون سامهون رکندي اسانجو چوڻ رڳو ايترو آهي ته ڪاغذ جي قيمتن ۾ ممڪن گهٽتائي ڪئي وڃي جيئن نصاب سان گڏ علمي ادبي، اشاعتي ادارن کي ڪاغذ مناسب اگهه تي ملي سگهي يا ڪاغذ ٻاهران گهرائڻ لاءِ سهوليتون ڏنيون وڃن جيئن ڪتابن جي ڇپائي آسان ٿئي، انهن جون قيمتون ايتريون ٿين جيئن هر شاگرد اهي ڪتاب خريد ڪري سگهي، ملڪي اخبارون ۽ رسالا ڇپجي سگهن ۽ وڪرو ٿي سگهن. اسان جهڙن ملڪن کي علم جي ضرورت آهي ۽ اهو علم ڪتابن جي معرفت ئي ماڻهن تائين پهچڻو آهي ان ڪري ڪاغذن جي اگهن ۾ بنهه گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ اهو اهم مسئلو حڪمرانن کي حل ڪرڻو آهي، ان ۾ دير جو سبب شاگردن لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻبو جنهن جو نتيجو مستقبل لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.