چئُه! جو توکي چوڻو آ……

مجيد بلوچ

ووٽ ضرور ڏيو پر سوچي سمجھي ڏيو!

اسان وٽ ڇا ڇا نه ٿو وڪامي ھتي ھر ڪو وڪامي ٿو نوٽن تي ھر  ڪو ھر شئي جي قيمت رکيل ھوندي آھي ڪنھن کي ھڪڙي پارٽي مان ڪڍي ٻئي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ به ڏوڪڙن سان بندوبست ڪيو وڃي ٿو مير پير ڀوتار جيالا سڀ ڪنھن جي قيمت لڳي ٿي جنهن جي سمجهھ ۾ لڳل قيمت ٿي اچي ٿي ته اُھو وفا مان بي وفا ٿيڻ لاءِ به تيار ٿي وڃي ٿو ڇو جو ڏوڪڙ ۾ وڏي ڪرامت آهي ڏوڪڙ جي اڳيان چڱا ڀلا به چپ ڪري گوڏا کوڙي ڇڏندا آهن ڏوڪڙ جي ايتري ته ضرورت ٿي وئي آهي جو ڪنهن کي مارڻو ھجي ته دير ئي نه ٿيندو آهي.

مڪاني چونڊن جا ڏينهن ويجھي اچڻ شروع ٿي ويا آهن ھر  وڏيرو ٽوپ نراڙ تي رکي توهان کي ھمدردي ڏيکارڻ ضرور ايندو وري توهان کي اڳ جيئان بي وقوف ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو خدارا پنهنجي مستقبل کي خراب ڪرڻ جي لاءِ استعمال نه ٿيو پنهنجي ووٽ جي اھميت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو توهان جي ووٽن سان وڏيرا پنج سال اقتدار جا مزا ماڻيندا آهن ۽ توهان پنج سال لوڙيندا رھندا آھيو ھر ڪو پنھنجي پارٽي جا گيت ڳائڻ ۾ آهي سنڌ جي بربادي ھن وقت ڪنھن کي به ياد نه آهي .

ھر ڪنھن کي مڪاني چونڊن واري ڏينهن جو بي صبريءَ سان انتظار رهيو آهي ته ڪنهن جي قسمت ساٿ ڏئي ٿي  ۽ ڪنھن جي ھار ٿئي ٿي. اسان سنڌ جي ڳالھه  ڪنداسين سنڌ جي شعور جي ڳالھه  ڪنداسين سنڌ جي بھتريءَ جي ڳالھه  ڪنداسين آزمايلن کي نه آزمائڻ جي ڳالھه  ڪنداسين غلطي کي نه ورجائڻ جي ڳالھه  ڪنداسين سنڌو درياهه جي ڳالھه  ڪنداسين تعليم جي بهتري لاءِ ڳالهه ڪنداسين مستقبل جي روشنيءَ جي ڳالھه  ڪنداسين خدارا مڪاني چونڊن ويجھي آهي ووٽ ضرور ڏيون سوچي سمجھي ڏيون شعور جي ڳالھه  ڪيو ٿا ته ان شعور جي پوئيواري ڪرڻ سکو .

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.