پمز سرڪاري اسپتال هئي ۽ رهندي: عبدالقادر پٽيل

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) صحت بابت وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته  پمز سرڪاري اسپتال هئي ۽ رهندي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پمز اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آئيني طريقي سان هڪ اهڙي حڪومت کي ختم ڪيو، جنهن عوام جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو هو. هڪ سرڪاري اداري کي خانگي بڻائڻ غلط آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت سمورن ادارن جي نجڪاري ڪرڻ پئي چاهي،

هن چيو ته پي ايم سي ۽ ايم ٽي آءِ بل جلد سينيٽ ۾ پيش ٿيندو ۽ ان کي فوري طور منظور ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.