بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ برسات، عورت سميت 3 ڄڻا فوت

ڪوئيٽا(م ڊ) سڄي ملڪ وانگر بلوچستان ۾ به سانوڻي جي آڳاٽين برساتن جو سلسلو جاري آهي، اڱاري ۽ اربع جي وچين رات کان شروع ٿيندڙ برسات جو سلسلو اڃان تائين وقفي وقفي سان جاري آهي. دڪي جي مختلف علائقن، دڪي شهر جي ٻيلي، بني ڪوس، اسمعيل شهر نانا صاحب زيارت لوني ۽ هوسٽري سميت ٻين علائقن ۾ تيز برسات ۽ برف باري ٿي، برسات جي ڪري ملا عبدالله ندي، ٺل ندي، نڙيسي ندي، مانزئي ندي ۽ ٻين ندين نالن ۾ ٻوڏ وارو ريلو اچي ويو، لوني جي علائقي ڪلي بختيار خان ۾ تيز برساتن سان گڏوگڏ شديد برف باري ٿي جنهن جي ڪري آبادگارن جي بيٺل فصل کي شديد نقصان پهتو  آهي ٻوڏ ۾ هڪ عورت سميت ٻه ماڻهو وهي ويا، دڪي جي سب ڊويزن ٺل چوٽيالي جي علائقي هوسٽري ۾ ندي ۾ ٻوڏ واري ريلي ۾ وهي ڪري هڪ ماڻهو فوت ٿي ويو، هوڏانهن  خيبر پختونخواه جي مختلف علائقن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران برسات ۽ زلزلي جي لوڏن سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. پي ڊي ايم اي گذريل 24 ڪلاڪن دوران برسات ۽ زلزلي سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب نوشهره ۾ تيز برساتن سبب هڪ ڄڻو فوت ٿيو، جڏهن ته لڪي مروت ۾ زلزلي سبب هڪ ڄڻو فوت ٿيو. زلزلي ۽ برساتن سبب صوبي جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي گهرن کي جزوي طور نقصان پهتو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.