ڪي اليڪٽرڪ 126 ارب رپين جي باقيدار

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي پيٽروليم واري وزارت پاران ٻڌايو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ هن وقت 126 ارب رپين جي باقيدار آهي جڏهن ته ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي طلب ڪري ورتو جڏهن ته چيئرمين پيٽروليم واري وزارت کان روس کان پيٽرول وٺڻ جي حقيقت کان آگاهي جي لاءِ لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو. ڪالهه اربع ڏينهن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽر طلحيٰ محمود، سينيٽر سليم مانڊوي والا، شاهده اختر علي، شيخ روحيل اصغر، سينيٽر شبلي فراز، وجيهه قمر، سيد حسين طارق ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. شيخ روحيل اصغر چيو ته ايندڙ چار پنج ڏينهن کانپوءِ آئل جي کوٽ جو خدشو آهي جڏهن ته پيٽروليم واري سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪو پيٽروليم بحران اچڻ وارو نه آهي، سعوديه تمام مهربان ملڪ آهي جيڪو اسان کي 1.2 ارب جو ڊيفرڊ ڪريڊٽ ڏي ٿو، پي اي سي جي چيئرمين چيو ته جيڪي ماڻهو غيرملڪي شهريت رکن ٿا اهي ڪرپشن ڪري ڀڄي وڃن ٿا، ڪجهه سياسي ماڻهن کي به اهڙي قسم جي ماڻهن کان فنڊنگ ملي ٿي، اهڙن ماڻهن جي خلاف انهي جي ڪري ڪارروائي به نه ٿي ٿئي، جيڪي ماڻهو ڪرپشن ڪري ڀڄي وڃن ٿا انهن جي ملڪيتن جا تفصيل کڻي اچو، انهن ماڻهن جي اثاثن جا تفصيل چيڪ ڪري نيب کي فراهم ڪريو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان جي حڪومت روس کان تيل وٺڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي هئي، ٻڌايو وڃي روس سان ڳالهه ٻولهه ڪنهن حد تائين اڳتي وڌي، موجوده حڪومت روس کان تيل وٺڻ جي معاملي تي ڇا ڪري رهي آهي. سينيٽر طلحيٰ محمود چيو ته روس کان تيل وٺڻ جي دعويٰ جي جاچ ٿيڻ گهرجي. نور عالم خان چيو ته هڪ خط به ميڊيا تي هلندو رهيو آهي ان کي به ڏٺو وڃي. 57 هزار 565 گئس صارفين کان نان ريڪوري جي معاملي تي پيٽروليم واري سيڪريٽري ٻڌايو ته 20 ارب رپين مان 14 ارب رپيا وصول ٿي چڪا آهن. ڪي اليڪٽرڪ کي اسان جا به 126 ارب رپيا ڏيڻا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.