مهانگائي 40 سيڪڙو ٿيندي، طاقتور حلقا ٻڌائن ته اسان کي ڇو هٽايو ويو: شوڪت ترين

اسلام آباد( م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته  حڪمران آءِ ايم ايف سان 50 رپيا پيٽروليم ليوي طئي ڪري چڪا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته حڪومت 10، 12 هفتن دوران ڪيئي ڪوڙ ڳالهايا آهن، جنهن سبب ساک متاثر رهي. هن چيو ته اميد ڪيون ٿا ته حڪومت آءِ ايم ايف سان اهڙي معاهدو ڪري جنهن سان عوام تي ٻوجهه گهٽ پوي. شوڪت ترين چيو ته حڪومت جو آءِ ايم ايف سان قرض معاهدو جولاءِ جي آخر ۾ طئي ٿيندو، پهرين جولاءِ کان پيٽرول ۽ گئس وڌيڪ مهانگا ٿيندا. پريس ڪانفرنس دوران شوڪت ترين چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌڻ سان مهانگائي جو وڏو طوفان برپا ٿيندو، حڪمران آءِ ايم ايف سان طئي ڪري چڪا آهن ته پيٽروليم ليوي کي 50 رُپين تائين آندو ويندو. ھن چيو ته حڪمران ٻڌائين ته آءِ ايم ايف سان معاهدي لاءِ 450 ارب رپيا ڪٿان آڻيندا؟ ڊالر جو مُلهه وڌڻ سان اسٽاڪ مارڪيٽ ويهجي وئي آهي، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام سبب معاشي عدم استحڪام ويو آهي. رجيم سيمينار ۾ خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته حڪومت  ٽيون بجيٽ پيش ڪرڻ طرف وڃي پئي، 40 سيڪڙو مهانگائي وڌڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته حڪومت فڪسڊ ٽئڪس طرف وڌي رهي آهي. هن چيو ته پيش ڪيل بجيٽ خانا پوري آهي. هن چيو ته ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي سان بيروزگاري وڌندي. خوف آهي ته حڪومت ملڪ جون حالتون سريلنڪا جهڙيون نه ڪري ڇڏي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.