اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي والده لاڏاڻو ڪري وئي

نوابشاهه(م ڊ) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي والده لاڏاڻو ڪري وئي، فيملي ذريعن مطابق حاڪم علي زرداري جي ٻي گهرواري ڪراچي ۾ وفات ڪري وئي، فيملي ذريعن مطابق زرين آرا بخاري جي تدفين اباڻي قبرستان نوابشاهه ۾ ٿيندي، واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري روانڊا جو دورو ملتوي ڪيو هو، اهو دورو ملتوي ڪرڻ جو سبب هن جي ڏاڏي جي بيماري ٻڌايو ويو هو، کيس لاهور به وڃڻو هو پر اهو دورو به ملتوي ڪيو ويو، هوڏانهن وزيراعظم شهبازشريف ۽ ٽنهي فوجن جي سربراهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.