افغانستان ۾ زلزلي جي تباهي، هزار کان مٿي ماڻهو فوت، 600 زخمي

ڪابل( م ڊ)  افغانستان ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي آهي، هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 600 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب افغان صوبي پڪتيڪا ۾ 6.1 جي شدت سان زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا، زلزلي سبب هيل تائين 900 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن. مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جڏهن ته قدرتي آفت ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب زلزلي جا لوڏا افغانستان جي 500 ڪلوميٽر کان وڌيڪ علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته راڄڌاني ڪابل ۾ به زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 6.1 هئي ۽ ان جي گهرائي 51 ڪلوميٽر هئي. افغانستان ۾ زلزلي جي تباهڪارين سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ڏک جو اظهار ڪندي افغان ڀائرن سان ايڪي جو اظهار ڪيو آهي .وزير اعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان جي عوام جي ڏکين گهڙين ۾ ڀرپور مدد ڪئي وڃي. ٻئي پاسي عسڪري قيادت پڻ افغانستان ۾ ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پاڪ فوج افغانستان ۾ زلزلي متاثرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٽوئيٽر تي بيان ۾ چيو ته پاڪ فوج افغانستان جي زلزلي متاثرن کي هر ممڪن امداد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.