ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ، صدر مارڪيٽ ۾ ڌرڻو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف صدر اليڪٽرانڪس مارڪيٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي موبائل فون مارڪيٽ ۽ ٻين دڪانن جا مالڪ روڊن تي اچي ويا، جنهن سبب ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي، دڪاندارن جو چوڻ آهي ته انرجي ايمرجنسي جي ڪري ڪراچي جي مارڪيٽن ۾ ڪم محدود آهي، ڪم جي وقتن ۾ به ڪيترائي ڀيرا بجلي بند ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن گلشن اقبال، گلستان جوهر، ملير، قائدآباد، لانڍي، لياقت آباد، سچل ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ، مخدوم بلاول وليج ۽ ٻين علائقن ۾ به 10 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.