مڪاني چونڊ ڪرپٽ قيادت کان انتقام وٺڻ جو بهترين موقعو آهي: محنتي

خيرپور(ڊ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آھي ته وياجي نظام ۽  ڦورو حڪمرانن ملڪ جو ٻيڙو غرق ۽ عوام جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آھن . جيڪي حڪمراني ته هتي پاڪستان ۾ ڪن ٿا پر پنھنجي دولت ۽ محل ماڙيون پرڏيھي ملڪن ۾ ٺاھن ٿا .اھڙن ماڻهن مان ڪنھن به خير جي اميد رکڻ ٻٻر کان ٻير گهرڻ برابر آھي. مھانگائي سميت عوام جا سڀئي مسئلا اسلامي نظام ۽ ايماندار قيادت حل ڪري سگهي ٿي.اھڙن خيالن جو اظھار ھن خيرپور ۾ پارڻي اڳواڻن توڙي بلدياتي نمائندن جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.ضلعي امير حافظ ثناء الله جوڻيجو،عبدالقدير مھيسر ،اسلم آرائين مجاھد چنا ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ ان موقعي تي موجود ھئا . ھن چيو ته 26 جون تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ڪرپٽ ۽ ظالم قيادت کان پنھنجن محرومين جو انتقام وٺڻ جو بھترين موقعو آھي.مڪاني چونڊن ۾ سنڌ دوست ۽ عوام جا ھمدرد توڙي ايماندار نمائندا چونڊيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.