ارباب رحيم پاران سڀاڻي مٺي ۾ ڌرڻو هڻڻ جي ڌمڪي

مٺي(رپورٽ: جي آر جوڻيجو)پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، مٺي ۾ پ پ جي باغي اڳواڻن محمد خان لنڊ، غني خان کوسو ۽ عيسيٰ راهمون سميت جي ڊي اي ايم پي اي رزاق راهمون، ارباب انور، دلاور مالڪاڻي، لجپت سوراڻي، قمر راهمون ميرمحمد بليدي، پرديپ ميگهواڙ، پرتاب ميگھواڙ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ٿرپارڪر ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ آر اوز ذريعي ڌانڌلي جو پلان ٺاهيو ويو آھي اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته هزارين ماڻهن سان گڏجي 24 جون تي ڊي آر او آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ٿرپارڪر سڄي ضلعي ۾ حڪومتي ڌر جي حامين کي کٽرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڏنل ھدايتن  تي قانون کي ھوا ۾ اڏائي ڇڏيو آھي، ھڪ ڳوٺ واري پولنگ اسٽيشن جي ووٽرن کي ٻي پولنگ اسٽيشن تي منتقل ڪيو ويو آهي، حڪومتي ڌر جي اميدوارن جا پٽ ڀاءُ، ڀائيٽا ۽ ويجھا رشتيدار مقرر ڪيا ويا آهن، اسانجي ماڻھن کي ڪوڙن ڪيسن م ڦاسائڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي حڪومتي ڌر اليڪشن هارائڻ جي خوف کان رتوڇاڻ ۽ امن امان جو مسئلو بڻائي اسانجي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، ڊي آر او ٿرپارڪر کي ھڪدم ھٽائي ڪنھن غير جانبدار ايماندار آفيسر کي ڊي آر او مقرر ڪري فوج  ۽ رينجرز جي نگراني ۾اليڪشن ڪرائي وڃي، ماڻھن جو اليڪشن ڪميشن تان اعتماد کڄي ويو آھي اسان احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي جيڪڏھن ساڳي رويو رهيو ته اسان عملي کي پولنگ تي نڪرڻ نه ڏينداسين، ارباب رحيم چيو ته سنڌ ۾ ڊيل تحت حڪومت ڏني ويندي آهي، سنڌ حڪومت هڪ ئي پارٽي کي پندرهن سالن کان تحفي طور ڏني وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.