ملڪ ۾ بصر ۽ ڪڪڙ گوشت جي بحران جو خطرو وڌي ويو

لنڊن (عوامي آواز نيوز ) پاڪستان ۾  ايندڙ 10 پندرهن ڏينهن ۾ بصر ۽ ڪڪڙ جي گوشت جو سنگين بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي ويوآهي، نامياري صحافي  انيق ناجي پنهنجي وي لاگ  ۾ سينيئر صحافي نصرت جاويد جي مضمون جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته افغانستان مان بصر جي  رسد بند ٿي و ئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾  موجود بصر جو ذخيرو 10  کان 15  ڏينهن جو آهي، جنهن  کانپوءِ بصر جو اگهه به ڊالر جيان اڏام ڪندو ۽ جيڪڏهن افغانستان کان رسد بحال نه ٿي ته پاڪستان ۾ بصر اڻلڀ ٿي ويندو، ساڳي طرح هن سال شديد گرمي ۽ پاڻي کوٽ سبب پولٽري فارم  ۾ چوزا وڏي انگ ۾ مري ويا آهن ۽ ڪيترائي پولٽري فارم بند ٿي ويا آهن. جنهن ڪري افغانستان ڏانهن ڪڪڙ گوشت جي رسد متاثر ٿي آهي، ساڳي طرح ڪڪڙن کي ڏني ويندڙ  خوراڪ به انتهائي مهانگي ٿي وئي آهي. جنهن ڪري به پولٽري فارم بند ٿيڻ لڳا آهن، ڇو ته ڪڪڙن جي خوراڪ ۾ اهم جنس مڪئي استعمال ٿيندي آهي جيڪا ڊالر جي اڏام کان اڳ 1200 رپيا مڻ هئي هينئر 2200 کان به اگهه وڌي  ويو آهي. ان ڪري بصر سان گڏ ڪڪڙ جي گوشت جو پڻ بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.