آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويا،پيٽروليم ليوي 50 رپيا، 4 کربن جا واڌو ٽئڪس

اسلام آباد ( م ڊ) آءِ ايم ايف ڊيل ۾ اڳڀرائي جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي، حڪومت پيٽروليم ليوي  50 رپيا ۽ ٽئڪس اوڳاڙين جو هدف 7450  ارب رپيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. آءِ ايم ايف ترجمان موجب پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون جاري آهن ۽ ايندڙ بجيٽ بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ترجمان چيو ته ايندڙ سال دوران ميڪرو اڪنامڪ استحڪام بهتر بڻائڻ وارين پاليسين تي ڳالهيون جاري آهن. ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 7 هزار 5 ارب رُپين مان وڌائي 7 هزار 450 ارب رُپيا ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جڏهن ته ڪسٽم اوڳاڙي جو هدف 950 ارب رُپين مان وڌائي هڪ هزار 5 ارب رُپيا ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين تي هر مهيني 5 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو ڪرڻ، جي ايس ٽي جي مد ۾ اوڳاڙين جو هدف 3 هزار 8 ارب رپين مان وڌائي 3 هزار 3 سئو ارب رپيا ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ذريعن موجب انڪم ٽيڪس جي مد ۾ اوڳاڙين جو هدف 55 ارب رپيا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس 11 سيڪڙو جي وياج سان وصول ڪيو وڃي. مالياتي هدف آءِ ايم ايف اسٽيٽ بئنڪ سان گڏجي طئي ڪندا.  هوڏانهن ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته چيني ڪنسورشيم آف بئنڪس 2.3 ارب ڊالر قرض جي سهولت واري معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيو آهن. مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته پاڪستان طرفان قرض جي سهولت واري معاهدي تي گذريل ڏينهن صحيحون ڪيون ويون هيون. ناڻي واري وزير موجب معاهدي تحت ڪجهه ڏينهن ۾ رقم پاڪستان کي ملي ويندي، سهولت فراهم ڪرڻ تي چيني حڪومت جا ٿورائتا آهيون. ٻئي طرف حڪومت آءِ ايم ايف جي قرض پيڪيج ۾ هڪ سال واڌ جي اُميد ظاهرڪئي آهي. ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف کان ملندڙ قرض جي رقم ۾ واڌ جي به اُميد آهي. ھڪ بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو آھي ته آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪيج ۾ واڌ جي اميد آهي، آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪيج ۾ هڪ سال جي واڌ جي اميد آهي. ھن چيو ته آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪيج ۾ قرض جي رقم وڌڻ جي به اميد آهي، آءِ ايم ايف سان بنيادي طور تي  بجيٽ ۽ مالياتي قدمن تي اتفاق  ٿيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.