ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان برسات، ڀتيون ڪِرڻ سبب 5 ڄڻا فوت

ڪراچي/ سکر (نمائندا) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات وسڪارو ٿيو، جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن گهرن جون ڀتيون ڪِرڻ سبب ٽن ٻارن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ڪراچي ۾ ڪالهه سخت گرميءَ کانپوءِ شام جو ڪَڪر وسي پيا، شهر جي مختلف علائقن ملير، سهراب ڳوٺ، گلستان جوهر، صدر ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات پئي، گلشن اقبال، سرجاڻي  ٽائون، نارٿ ڪراچي، ناظم آباد، فيڊرل بي ايريا، گارڊن، شاهراهه فيصل، طارق روڊ ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي به مينهن وسيو، ملير ملت ٽائون ۾ گهر جي ڀت ڪِرڻ سبب 2 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا، چنيسر ڳوٺ ۾ 8 سالن جو ٻارڙو  ۽ صفوران ڳوٺ ۾ 45 ورهين جو شخص گهر جي ڀت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويا، موسميات کاتي موجب اتر اوڀر کان 81 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهليون، جنهن کانپوءِ مختلف علائقن ۾ برسات شروع ٿي وئي، ڪيترن ئي هنڌن تي سائن بورڊ ۽ وڻ ڪري پيا، جڏهن اڪثر علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي، ڪي اليڪٽرڪ موجب برسات 250 فيڊر ٽرپ ٿي ويا، خيرپور ضلعي جي ڪچي واري علائقي ملڻ ناريجو ۾ طوفاني برسات پوڻ سبب ڳوٺاڻي علي بخش ناريجو جي گھر جي ڇت ڌماڪي سان ٽوٽي ڪري پئي جنهن نتيجي ۾ عابده ناريجو موقعي تي ئي دٻجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 5 ڀاتي شديد زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت دٻجي فوت ٿي ويل عورت جو لاش ڇت جي ملبي هيٺان ڪڍيو، جڏهن ته زخمين کي گمبٽ اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو، کپرو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ طوفاني برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي ويئي، طوفان سبب گهرن جو ڇتيون اڏامي ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.