اتحادي حڪومت به رليف ڏيڻ کان لاچار، يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف شين جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان  تي عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو، چڻن جي دال جو اگهه 162 رپين مان وڌائي 190 رپيا ڪلو ڪيو ويو، اڇن چڻن جي قيمت 215 مان وڌائي 300 رپيا ڪلو، دال مسور 215 رپيا مان وڌائي 270 رپيا ڪلو ڪئي وئي، صابڻ جي قيمت ۾ 10 کان 30 رپين جي واڌ ڪئي وئي،هوڏانهن  ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم پاڪستان جي خاص هدايت تي سڄي ملڪ جي سمورن يوٽيليٽي اسٽورز تي بنيادي کاڌي پييي واري سامان تي سبسڊي جاري آهي. يوٽيليٽي اسٽورز کي سامان سپلاءِ ڪندڙ 30 برانڊ ڪمپينن 952 برانڊ سامان جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي جڏهن ته مختلف دالن جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي، ان سامان جي قيمتون گذريل سال سيٽپمبر/ آڪٽومبر کان مستحڪم رکي ويون هيون. هن چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن پاڻ مينوفيڪچرنگ يا پروڊڪشن نٿو ڪري ۽ عام مارڪيٽ کان خريداري ڪري ٿو. جڏهن ته عام مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌيون آهن ته يوٽيليٽي اسٽورز کي به قيمتن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي آهي ته جيئن ڊيمانڊ اينڊ سپلاءِ ۾ بهتري اچي ۽ ان پروڊڪٽس جي دستيابي ممڪن ٿي. ان جي باوجود يوٽيليٽي اسٽورز تي ان سامان جي نئين قيمتون ريٽيل مارڪيٽ کان گهٽ هونديون. ياد رهي ته سڄي ملڪ جي سمورن يوٽيليٽي اسٽورز تي سبسڊائزڊ گيهه عام مارڪيٽ کان 250 روپيا في ڪلو گرام، کنڊ 25 کان 35 روپيا في ڪلو ۽ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلو 700 روپيا سستو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.