اسلام آباد( م ڊ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران هاڻ ننڊ ۾ به نيوٽرل جو راڳ آلاپيندورهندو. عمران جي بيان تي ردعمل ڏيکاريندي مريم نواز چيو ته هاڻ عمران وڦلندو ته شهباز شريف شيرواني پائي وزيراعظم بڻجي ويو، شهباز شريف سفير کي ڪيڪ کارايو. مريم نواز چيو ته عمران جي ذهني حالت تي رحم اچي ٿو. هن ويچاري کي وڏو صدمو پهچايو ويو آهي. هن چيو ته عمران خان شهباز شريف تي ڪيس ٺاهي فائول پلي کيڏيو. هاڻ هو ساڙ ۽ صدمي ۾ باقي حياتي گذاري. 03