شهزادو محمد بن سلمان ترڪيه پهتو، اردگان پاران آجيان

انقرا ( م ڊ) سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان سرڪاري دوري تي ترڪيه پهتو ۽ صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات بعد روانو ٿي ويو آهي. انقره پهچڻ تي صدر رجب طيب اردگان ولي عهد جو استقبال ڪيو. سندس صدارتي محل ۾ به وڏي آجيان ڪئي وئي. صدر رجب طيب ۽ محمد بن سلمان وچ ۾ ڳالهه ٻول   ٿي، جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. 03

آبي ذخيرن جي اڏاوت ۾  ڪوتاهي برداشت نه ڪبي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو آهي، ته آبي وسيلن جا ذخيرا ملڪ ۽ قوم جي لائف لائن آهن، ملڪ انهن ذخيرن جي تعمير ۾ هڪ لمحي جي دير يا ڪوتاهي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. اهو ملڪي سلامتي جو معاملو آهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن سندس صدارت هيٺ چئن ڊيمن جي تعمير جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اين ايڇ اي جي چيئرمين خرم آغا، آبي وسيلن واري سيڪريٽري،  ۽ واپڊا چيئرمين سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ديا مير ڀاشا ڊيم، داسو ڊيم، ٿاڪوٽ ڊيم ۽ پٽن ڊيم جي تعمير جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. واپڊا اختيارين جي بريفنگ ۽ ڊيمن جي تعمير ۾ سستي تي وفاقي وزير لاڳاپايل ادارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن آبي وسيلن جي ذخيرن جي تعمير وقت تي مڪمل نه ٿي ته ملڪ شديد ترين آبي بحران جو شڪار ٿي ويندو.هن چيو ته اسان ته هڪ سال لاءِ آيا آهيون پر ان دوران جنگي بنيادن تي ڪم ڪيو ويندو.

ٻاهرين ملڪ پاڪستانين  پاران هڪ ڏينهن ۾ 57 ملين ڊالر موڪلڻ جو رڪارڊ

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين هڪ ڏينهن ۾ 57 ملين ڊالرز ملڪ موڪلڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائڻ واري رقم 4.5 ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۽ وزيراعظم جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف هڪ ئي ڏينهن ۾ رڪارڊ 57 ملين ڊالرز پاڪستان موڪلڻ تي ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گذريل هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 57 ملين ڊالر اسٽيٽ بئنڪ کي مليا آهن ۽ اها رقم ٻاهرين ملڪ پاڪستانين پاران هڪ ڏينهن ۾ موڪلڻ واري هن وقت تائين جي سڀ کان وڌيڪ رقم آهي.

گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني ۽ ڀارتي نمائندن ۾ تلخ ڪلامي

گڏيل قومون (م ڊ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جو مطالبو ڪندي چيو آهي، ته ڄمون ڪشمير ۾ مقرر 9 لک ڀارتي فوجين علائقي کي قيدگاهه بڻائي ڇڏيو آهي، نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جي هيومنٽيريئن افيئرز سيگمينٽ ۾ پاڪستاني نمائندي جي ان بيان بعد گڏيل قومن ۾ پاڪستاني ۽ ڀارتي نمائندن وچ ۾ لفظي تڪرار شروع ٿي ويو، جنهن ۾ ڀارتي نمائندي پاڪستان تي دهشتگردي جي حمايت جو الزام لڳائيندي دعويٰ ڪئي ته ڄمون ڪشمير ڀارت جو اٽوٽ انگ آهي، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائنده صائمه سليم جواب ڏيڻ جو پنهنجو حق استعمال ڪندي ڀارت جي ان دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته ڄمون ڪشمير ڀارت جو حصو ناهي

28 هزار 300 حج پانڌيئڙا ڀلي پار پهچي ويا

مڪه مڪرمه(م ڊ) حج آپريشن 2022ع جي تحت مجموعي طور تي 28 هزار 300 حج پانڌيئڙا ڀلي پار پهچي ويا آهن. سرڪاري اسڪيم جي تحت سمورن حج پانڌيئڙن کي 30 جون تائين مڪي شريف پهچائڻ جو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. 351 ماڻهن تي ٻڌل طبي عملو، معاونين ۽ مذهبي معاملن جا اهلڪار مڪي، مديني ۽ جده ۾ انتظامي معاملن ۾ مصروف آهن

عامرلياقت جي خالي سيٽ تي چونڊ لاءِ فارم جاري

ڪراچي (رپورٽر)اليڪشن ڪميشن ڊاڪٽر عامرلياقت جي موت کان پوءِ اين اي 245 جي سيٽ خالي ٿيڻ تي ننڊي چونڊن جي لاءِ نامزدگي فارم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي 24جون تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا .26۽ 27 جون تي اسڪرونٽي اميدوارن جي ڪئي ويندي جڏهن نظر ثاني لسٽ 5 جولاءِ تي لڳائي ويندي، هي سيٽ فيروزآباد سب ڊويزن ۽ جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته ننڍي چونڊن 27جولاءِ تي ٿيندي، ٻئي پاسي پ پ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي خالي سيٽ تي سندس زال ڊاڪٽر خالده منڌرو کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن اليڪشن ڪميشن اين اي 240تي ننڍي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوار ابوبڪر جي ڪامبيابي جو نوٽيفڪشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي لاءِ بجلي وڌيڪ 57 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(م ڊ) اقتصادي رابطا ڪاميٽي ڪراچي لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪالهه ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ 57 پئسا في يونٽ واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري پاور پلانٽس کي به آءِ پي پيز جي طرز تي رهتون ادا ڪيون وينديون، جنهن لاءِ حويلي بهادر ۽ بلوڪي سميت 3 پاور پلانٽس لاءِ 17 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي آهي، اي سي سي اسلام آباد پوليس جي شهيدن جي خاندانن کي رقم جي ادائگي لاءِ هڪ ارب 22 ڪروڙ رپين جي به منظوري ڏني آهي.

ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس کي الرٽ رهڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ موسميات کاتي پاران امڪاني برساتن جي اڳڪٿي کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو ڪراچي پوليس لاءِ اهم هدايتون  جاري ڪري ڇڏيون آهن، ڪراچي پوليس چيف سمورن فيلڊ ڪمانڊرز کي برساتن دوران پنهنجن علائقن ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪراچي پوليس آپريشنز ۽ ٽريفڪ ۾ مقرر آفيسرن ۽ اهلڪارن کي به هدايت ڪئي وئي ته هو پنهنجي مقرر ڪيل علائقن ۾ موجود رهن.ٽريفڪ پوليس برساتن دوران ۽ بعد ۾ ٽريفڪ جي روانگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.شهر ۾ مقرر سمورا ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز ۽ ٽريفڪ  ايس اوز پنهنجي عملي سان روڊن تي هوندا، اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ رين ايمرجنسي يونٽ کي پڻ هدايت ڪئي ته شهري ٻوڏ جي امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ عوام جي مدد لاءِ هر وقت تيار رهن، گشت تي موجود پوليس کي به حڪم ڏنو ويو آهي گاڏين جو سامان ته اهي ضروري اوزارن، ٽيوب ۽ برساتن ۾ ڦاٿل گاڏين کي ڪڍڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ  سامان سان ليس رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، عوام کي گذارش آهي ته بجلي جي تارن، پولن، وڻن ۽ سائن بورڊن کان پري رهن.ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾، عوام کي فوري طور تي پوليس مددگار 15 سان رابطو ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.