بلاول پاران لاڙڪاڻي ۾ انٽرا سٽي بس سروس جو افتتاح

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي طرفان لاڙڪاڻي واسين کي معياري ۽ سستي سفري سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ايئرڪنڊيشن لگزري انٽرا سٽي بس سروس جو افتتاح ڪيو. افتتاح بعد بلاول ڀٽو زرداري ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، پي پي پي ضلعي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، اڳوڻو صوبائي گهرو وزير ايم پي اي سهيل انور سيال ۽ پي پي پي ڊويزن لاڙڪاڻي جو صدر ۽ صوبائي صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي گڏجي لگزري بس جو سفر ڪيو جتي ڊپٽي ڪمشنر کيس ايئرڪنڊيشن لگزري بسن جي روٽن بابت آگاهي پڻ ڏني. واضع رهي ته ڪراچي کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ لگزري انٽرا سٽي بس جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد شهرين کي معياري ۽ سستي سفر جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، هوڏانهن  بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ڀرسان خيرپور جوسو اسراڻ هائوس پهچي پيپلز پارٽي جي ايم پي اي گهنور خان سان سندس والد ڊاڪٽر غلام شهيد اسراڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪري ڊاڪٽر غلام شهيد اسراڻ جي درجن جي بلندي لاءِ فاتح خواني پڻ ڪئي، ٻئي پاسي  بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جمهوريت جي شهيدن جي مزارن تي پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون. بلاول ڀٽو زرداري شهيد مير شاهنواز ڀٽو ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي به مزارن تي حاضري ڀري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.