لاهور هاءِ ڪورٽ تيل اگهن ۾ واڌ خلاف جواب طلب ڪري ورتو

لاهور(بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ پئٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي اضافي خلاف درخواست تي ڌرين کان 28 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس شاهد ڪريم عام مفاد جي تنظيم جوڊيشل ايڪٽوازم پينل جي داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 119 روپيه ڊيزل جي قيمت جڏهن ته 84 روپيه پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. عام ماڻهو ان کان تمام گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي. درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 21 ڏينهن ۾ 3 ڀيرا پئٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪابينا مان به منظوري ناهي ورتي وئي، پئٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سبب زندگي جون بنيادي ضرورتون مهانگيون ٿي وينديون. درخواست گذار استدعا ڪئي ته پئٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي اضافي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.