برطانيا ۾ مهانگائي 40 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

لنڊن(م ڊ) برطانيا ۾ ٻارڻ ۽ کاڌي پيتي جي وڌندڙ  اگهن ناڻي واڌ جي شرح  9.1 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي جيڪاگذريل 40  سالن جي بلند ترين سطح آهي،  ميڊيا رپورٽن موجب  گذريل سال جي ڀيٽ ۾ عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ اضافو ان بلند ترين شرح سبب ٿيو آهي، مئي دوران صارفين لاءِ اگهن ۾ مهينوار بنيادن تي  اضافو 0.7 سيڪڙو رهيو،  برطانوي معيشت اڄلڪهه گهٽتائي جو شڪار آهي خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته  جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته برطانيا معاشي بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.