حليم عادل شيخ جي زمينن تي قبضي ڪيس ۾ ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت صوبائي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جي سرڪاري زمينن تي قبضي خلاف ڪيس ۾ هڪ لک رپين جي عيوض ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي، عدالت اينٽي ڪرپشن سميت ٻين کي 18 جولاءِ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، سنڌهاءِڪورٽ ۾ حليم عادل شيخ جي اينٽي ڪرپشن جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، اسسٽنٽ اينٽي ڪرپشن پاران جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جواب ۾ چيو ويو آهي ته محمد علي گهانچي ۽ عبدالجبارگهانچي اينٽي ڪرپشن ۾ حليم عادل شيخ جي شڪايت ڪئي آهي، شڪايت چيو آهي ته حليم عادل شيخ هڪ باثر ماڻهو آهي ،جيڪو زمينن جي قبضي ۾ ملوث آهي، هنن الزام لڳائيندي چيو ته سرڪاري زمينن تي قبضو ڪري فارم هائوس ٺاهيو آهي، حليم عادل شيخ جي خلاف انڪوائري شروع ڪئي وئي لاڳاپيل عملدارن جي منظوري کان پوءِ جاچ شروع ڪئي ويندي، عدالت حليم عادل شيخ کي هئي جواب پڙهي ان جو جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 6جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.