ڀرياسٽي ۾ موٽرسائيڪل ڀاڙي تي هلائيندڙ نوجوان قتل

ڀرياسٽي (رپورٽ: مجيد ڪيريو) ڀرياسٽي جي ڪلهوڙا ڪالوني ۾ گذريل رات دير سان هٿيار بندن 18 ورهين جي پورهيت ارشد پٽ آدم ڪلهوڙو کي فائرنگ ڪري زخمي ٿي ويا،  جڏهن ته اطلاع تي ڀرياسٽي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پورهيت نوجوان کي شهرين جي مدد سان سخت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو، جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته نوجوان جي قتل جي خبر تي سوين شهري ۽ نوجوان جا وارث ڀرياسٽي اسپتال پهچي ويا. جڏهن ته ڊاڪٽرن ۽ پوليس پاران پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جو مڙه وارثن حوالي ڪيو. جڏهن ته نوجوان مڙهه گھر پهچڻ تي ڪهرام برپا ٿي ويو، نوجوان جي امڙ ۽ والد کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. ان سلسلي ۾ مقتول نوجوان جي والد آدم ڪلهوڙو ۽ چاچي غفور ڪلهوڙو ٻڌايو ته اسان جي نوجوان کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪلهوڙا برادري جي نوجوانن موتمار ڌمڪيون ڏنيون هيون. جنهن بعد رات دير سان گلزار پٽ آچر ڪلهوڙو ، ماجد عرف نجاد پٽ رحمون ڪلهوڙو ۽ ٻين گوليون  هڻي قتل ڪيو آهي، ارشد عرف ڪوڏو موٽر سائيڪل ڪرائي تي هلائي پورهيو ڪندو هو،  پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر عثمان جوڻيجو ٻڌايو ته نوجوان کي چيلهه ۾ ويجھو کان گولي لڳل هئي، رت گهڻو وهڻ سبب نوجوان جو موت ٿيو آهي، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڀرياسٽي راڻا جمشيد ٻڌايو ته قتل جو ڪيس نوجوان جي ڀاءَ محمد اڪرم ڪلهوڙو جي فرياد تي 2 سڃاتل گلزار پٽ آچر ڪلهوڙو ۽ ماجد عرف نجاد پٽ رحمون ڪلهوڙو ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار خلاف داخل ڪيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌيو ته جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.