هائوس جاب ڊاڪٽرن کي الائونس نه ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ هائوس جاب ڪندڙن ڊاڪٽرن کي ڪورونا الائونس ۽ وظيفي ۾ اضافو ڪري نه ڏيڻ واري ڪيس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ صحت کاتي جو سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت ٻيا پيش ٿيا، عدالت هائوس جاب تي موجود ڊاڪٽرن کي الائونس نه ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو اوهان جا اڪائونس اٽيچ ڪيا وڃن، اٽيچ ڪرڻ کان پوءِ فوري پئسا اچي ويندا آهن، ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته اسان ٻه قسطن ۾ رقم ادا ڪري ڇڏي آهي، ڪي ايم سي هڪ خودمختيار ادارو آهي، سنڌحڪومت جا قانون اسان تي لاڳو نٿا ٿين، درخواستگذارن جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته پي ايم سي جا قانون ۽ رولز آهي جيڪي پي ايم ڊي سي تي به لاڳو ٿيندا آهن، ٻئي قسط جي حوالي سان اسان ڪائونٽس چيڪ ڪنداسين ، اگر رقم جاري ڪئي وئي آهي ته سٺي ڳالهه آهي ، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 4جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.