ڪراچي ۾ وڪيل 5 ڄڻا زخمي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ خلح وٺڻ واري معاملي تي ايڊووڪيٽ منصور احمد پنهنجي گهر واري ۽ ساهرن تي فائرنگ ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، تفصيل موجب گلستان جوھر ٿاڻي جي حد گلستان جوهر بلاڪ 14 ۾ واقع گھر نمبر B 271 اندر فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي جناح اسپتال پهچايو. شروعاتي طور تي پوليس جو چوڻ هو ته فائرنگ جو واقعو خلع جو ڪارڻ هو پوليس موجب 45 کان 50 ورهين جي ايڊووڪيٽ منصور احمد خلع جي معاملي تي پنهنجي زال ۽ سهري تي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد پاڻ کي به گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي ،ايڊووڪيٽ منصور جي فائرنگ   ۾ 65 سالن جو سندس جو سهرو سهيل احمد ولد احمد حسن ، سندس گهر واري شازين ،    55 ورهين جي سس افشان زال سھيل احمد ، 51 سالن جي شاھين بيگم  سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا . پوليس ذريعن موجب ايڊوڪيٽ منصور  جي زال تشدد کان  تنگ ٿي طلاق جو ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن کي ڪيس واپس وٺڻ لاءِ کيس قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون . جوابدارن خلاف ٽيلي گراف ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس موجب زخمي  ايڊووڪيٽ منصور احمد جو ڀاءُ کيس خانگي اسپتال آندو، جتي کيس مٿي ۽ پيٽ ۾ گوليون لڳيون، جنهن  جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي، پر علاج دوران فوت ٿي ويو. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.