سيوهڻ ۾ پ پ اندر ڏڦيڙ،باغي اميدوار کنڀي گم، ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

ڀان سيدآباد ( رپورٽ آدم مينگل )تعلقي سيوهڻ اندر بلدياتي چونڊن دوران پ پ توڙي ٻين پارٽين ۾ گرماگرمي تيز ٿي وئي آهي،پ پ پ جي اميدوارن خلاف پنهنجا  ئي پ پ جا باغي گروپ مخالف ۾ سامهون اچي ويا آهن، جنهن بعد پوليس به سرگرم ٿي وئي آهي.  يونين ڪائونسل بوبڪ تي پ پ جي باغي ڌڙي پاران بيٺل چيئرمين لاءِ آزاد اميدوار محمد رمضان ملاح ۽ يوسي جعفرآباد تي چئرمين لاء آزاد اميدوار نور احمد ملاح کي سيوهڻ پوليس سيوهڻ مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد جي وارڊ 8 تي پ پ جي باغي گروپ جي آزاد اميدوار شهر جي معزز شخصيت وڏيرو  منور حسين ميمڻ، وارڊ 7 تي آزاد اميدوار سيد ڪوڙل شاهه، آزاد اميدوار نورمحمد ميمڻ ۽ طفيل ميمڻ کي به ڀان سيدآباد پوليس ۽ ون فائيو مددگار ٽيم پاران ڄامشورو ڪورٽ وڃڻ دوران سيوهڻ جي لعل باغ وٽان گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو، ڄاڻايل چارئي آزاد اميدوار پ پ جي باغي گروپ سان تعلق رکن ٿا جيڪي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه جي پاران نامزد ٿيل اميدوارن جي مخالفت ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ بيٺل آهن، اميدوارن جي گرفتاريءَ کانپوءِ سندن حامين پاران ڀان سيدآباد ۽ واهڙ ۾ انڊس هاءِ وي روڊ تي الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ڀان سيدآباد شهر ۾ پ پ جي باغي گروپ سان لاڳاپيل آزاد اميدوارن منور حسين ميمڻ، نورمحمد ميمڻ، سيد ڪوڙل شاهه ۽ طفيل ميمڻ جي گرفتاريءَ خلاف سندن حامين لقمان حسين ميمڻ، عبدالستار ميمڻ ، ممتاز ميمڻ ، ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ڪاروبار مڪمل طور تي بند ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي باءِ پاس روڊ تي دادو سيوهڻ انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب دادو سيوهڻ انڊس هاءِ وي روڊ ٻنهي طرفن کان بلاڪ ٿي ويو ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاهرين پاران اميدوارن جي آزاديءَ لاءِ نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي پر ان باوجود به اسان سان ناروا سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اسين سيد مرادعلي شاهه جا ووٽر آهيون، پر اسان جو ڏوهه صرف اهو آهي ته اسان پ پ جي من پسند اميدوارن جي مخالف ڪندي آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ بيٺا آهيون. اسين ان وڏيري جي خلاف اليڪشن ۾ بيٺاسين ته آزاد اميدوار رمضان ملاح کي ساٿين سميت کنڀي گم ڪيو ويو، هنن چيو ته پوليس پ پ جي ڪمداري ۾ مصروف آهي، پر افسوس ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان به خاموش آهي، هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

  • خيرپور  آزاد اميدوار پاران طاقت جو مظاهرو، شاندار ريلي ڪڍي

خيرپور (س ر) خيرپور ۾ بلدياتي اليڪشن وارڊ نمبر 9 ھنگامي اجلاس ٿي گذريو. وارڊ 9 جي آزاد اميدوار آصف علي راجپوت جي حمايتين پاران بلدياتي اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ سرگرميون تيز  ڪري ڇڏيون  ان سلسلي ۾ وارڊ 9 جو  آزاد اميدوار پاران بلدياتي اليڪشن جي مهم جي سلسلي ۾  ھڪ وڏي ريلي ڪڍي طاقت جو مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي  نامزد ڪيل آزاد اميدوار جرنل ڪائونسلر  آصف علي راجپوت ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ 5 سال ننڊ پيل ھاڻي جاڳين پيا. ، ٽرانسفارمر ٺھرائي ڏين ٿا پر ھاڻي ڪجھ نه ٿيندو ھي باشعور عوام توھان جي ڪوڙي دلبي آسري ۾ نه ايندي،  صابقا ڪائونسلر عمردارز راجپوت چيو تہ 3 ڀيرا ڪائونسلر رھي ڪري عوام جي خدمت ڪئي آھي ۽ ھاڻي پنھجي ڀائٽري آصف علي راجپوت کي آزاد اميدوار بيھاريو آھي اسان جي وارڊ 9 جي باشعور عوام کي گزارش آھي ته پنھنجو قيمتي ووٽ ريڊيو کي ڏئي ڪامياب ڪندا. ان موقعي تي وارڊ نمبر 9 جي باشعور عوام پاران ڀرپور سپورٽ جي خاطري ڪرائي ۽ وڏي تعداد ۾ سوين ماڻھون جلسي ۾ شريڪ ٿيا ۽ آزاد اميدوار آصف علي راجپوت  صابقا ڪائونسلر عمردارز راجپوت ، محمد حيات راجپوت کي  گلن جا هار پارائي آزاد اميد آصف علي راجپوت  زنده آباد جا نعره لڳايا ويا، ۽ انتخابي نشان ريڊيو کي سينگاريو ويو  ان موقعي تي حميد بٽ،ياسين راجپوت،جاويد پٺاڻ،زوھيب آرائين،رياض ڦلپوٽو،رشيد ملڪ ،جاويد ملڪ،وزير راجپوت ۽ ٻين مختلف برادرين  جي اڳواڻن جلسي کي خطاب ڪيو ھنن چيو ته گذريل ڪائونسلرن عوام جا ستيا ناس ڪري ڇڏيا، وارڊ نمبر 9 ۾ بجلي گئس مٺي پاڻي سميت ٻين بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ آھي ، گذريل ڪيترن ئي سالن کان يونين ڪائونسل ۾ ايندڙ بجيٽ ڪاغزي ڪاروائي ۾ پوري ڪئي وئي ، عوام سان ويساگھاتي ناقابل برداشت آهي ، ان موقعي تي ايڊوڪيٽ  عابد حسين موريجو طاھر ڪريم شر، سلمان سومرو،رمضان رند،حاجي عبدالحميد رند،ڊاڪٽر تنوير احمد ميمڻ صحافي شاھد نواز سيال،صحافي شفيق شر،صحافي شاھنواز ڪلھوڙو،صحافي گلمير ڦلپوٽو ،صحافي ارشد علي راجپوت،صحافي ذيشان ميمڻ  ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

  • مڪاني چونڊون کٽڻ لاءِ پ پ غنڊه راڄ قائم ڪري ڇڏيو آهي

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن گم آھي. سنڌ حڪومت تعليم سميت مختلف کاتن جي ڪرپٽ آفيسرن کي ڊي آر او ۽ آر او مقرر ڪري مخالفن جا فارم رد ڪري ڇڏيا آھن. جن مخالفن جا فارم بحال ٿيا آھن، انھن تي ڪوڙا ڪيس ڪيا پيا آھن. بلدياتي اليڪشن کٽڻ لاء پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ غنڊه راڄ قائم ڪري رکيو آھي. صوبائي ۽ وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن جي ضابطا اخلاق جون ڌڄيون اڏائي اليڪشن مھم ھلائي رھيا آھن پر اليڪشن ڪميشن اکيون بند ڪري سمھي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي ڪرپشن ذريعي سنڌ کي تباهھ ڪري ڇڏيو آھي، غربت ۽ بدحالي جي ڪري ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. پيپلز پارٽي اليڪشن کان خوفزده آھي ان ڪري عورتن، مزدورن، ھارين کان زبردستي ھٿ کڻائڻ لاءِ قرآن، نياڻيون ميڙ ۽ منٿ ميڙ قافلا وٺي ھٿ کڻائي رھي آھي. ھٿ نه کڻندڙ اميدوارن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي آھي. ڪوڙا ڪيس، حملا ۽ چوريون ڦرون ڪرايون پيون وڃن. ھوڏانھن حيدرآباد ۾ ھٿرادو نموني قومي عوامي تحريڪ جي رد ڪيل اميدوارن فارمن جي بحالي لاءِ سيشن ڪورٽ اپيليٽ ٽربيونل ۾ اپيلون داخل ڪري ڇڏيون، جنھن تي عدالت چيف اليڪشن ڪمشنر، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ۽ آر اوز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي اميدوارن چيو ته قاسم آباد تعليم کاتي جي ڪرپٽ ٽي اي او اسماعيل لغاري کي آر او مقرر ڪيو ويو آھي، جنھن ڪرپشن ۽ پروموشن جي لالچ ۾ صوبائي وزير جي ڀاء ڪاشف شورو ۽ ٻين وڏيرن سامھون يوسي 155، 156، 157 ۽ مختلف وارڊن تان قومي عوامي تحريڪ جي اميدوار خادم شورو، غلام نبي سومرو، جي ايم بليدي، نظير بليدي، ماجد عباسي، فھيم شاھ ۽ ٻين اميدوارن جا بلاجواز فارم رد ڪيا آھن.

  • بٺوري ۾ ٽن ٽائونن ۽ 12 يوسين ۾ چوٽي جا مقابلا

ٻنون (رپورٽ: امتياز سومرو) سجاول ضلعي جي سڀ کان وڏي تعلقي ميرپوربٺوري جي ٻن ٽائون ڪميٽين ۽ 12 يونين ڪائونسلن تي پ  پ جي ناراض اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران اليڪشن جون سيٽون نہ ملڻ سبب پنھنجي پارٽي جي اميدوارن سامھون فارم ڀري اليڪشني مھم جو آغار شروع ڪري ڇڏيو آھي، ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پھريون ڀيرو حڪومتي اتحاد پ پ شيرازي گڏيل اميدوارن خلاف اڪثر يوسيز تي پ پ جي ناراض اڳواڻن طرفان قائم ڪيل آزاد اميدوارن، تحريڪ لبئيڪ، جي يو آئي، ڪيو اي ٽي ۽ ٻين اميدوارن جو ھڪ ٻئي سامھون وڏا دنگل ٿيندا،   رپورٽ موجب دڙو ٽائون ڪميٽي ۽ ميرپوربٺورو ٽائون ڪميٽي سميت تعلقي جي 12 مختلف يونين ڪائونسلن تي حڪومتي اتحاد پ پ شيرازي گڏيل اميدوارن سان آزاد پينل، تحريڪ لبئيڪ پاڪستان، جي يو آئي، ڪيو اي ٽي سميت پ پ کان ناراض پينل آمھون سامھون بيٺل آھن، جڏھن تہ ٻن ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن  جي مختلف تڪن تي 4 کان 5−5 اميدوار مدمقابل آھن، ٻئي طرف ٽڪيٽن جي ورھاست واري مامري حڪومت اتحاد پ پ جي رڌڻي ۾ تمام وڏو رولو پيدا ڪري ڇڏيو آھي.

  • شاهپورچاڪر ۾ جي ڊي اي طرفان ڪارنر گڏجاڻيون، ريلي

شاھپور چاڪر (ن ع آ)ٽائون ڪميٽي شاھپور چاڪر جي يوسي ٻرهون، اصغر آباد ۽ دائم خان ڌامراهه ۾ جي ڊي اي اڳواڻ غلام الله سنجراڻي  طرفان ڳوٺ ڳوٺ پهچي نامزد اميدوارن لاءِ ورڪ تيز ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ جي ڊي اي اڳواڻ  غلام الله خان سنجراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حضرت پيرسائين پاڳارو آشيرواد سان مخالفن جي تڏا ويڙھه ڪنداسون جڏھن مخالفن ھينئر ئي ڌاندلي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ھو سرڪاري مشينري ۽ من پسند سرڪاري ملازمن جو پولنگ اسٽيشنن تي ڊوٽيون لڳائي  ڌنڌلي جو پروگرام رٿي رھيا آھن مگر اسان مرشد ڪريم پير سائين پاڳارو جي مدد ۽ عوام جي ساٿ سان سندن سڀئي منصوبا رد ڪري ڇڏينداسون.  انشاءَ الله تعالي 26  جون تي جي ڊي اي جي فتح جو ڏينھن ھوندو،  يوسي اصغر آباد ۽ يوسي ٻرھون جي نامزد اميدوارن ۽ قابل احترام محمانن ۽ يو سي اصغر آباد ۽ يوسي ٻرھون جي با شعور عوام جي ريلي ڪڍي جلسو به ڪيو ويو،  ڳوٺ ٻڍي وساڻ۾ فقير عاقل گل وساڻ صاحب جن جي اوطاق تي پھتو ۽ سڀني ميمبرن يونين ڪاؤنسل ٻرھون جي چيئرمين طور بيھاريل اميدوار رئيس سميع الله سنجراڻي تقرير ڪندي اعلان  ڪيو ته ڪامياب ٿي علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪنداسون. ان کان اڳ ۾ ريلي نصرالله سنجراڻي، سميع الله خان سنجراڻي، خليفو فقير سالڪ سنجراڻي، علي احمد چانگ، فنڪشنل ليگ جو جنرل سيڪريٽري آصف علي ڏاھري، فقير امداد علي ڏاھري، فقير امداد  خاصخيلي،  ڳوٺ فقير عاقل گل وساڻ پھتا ته ڳوٺ جي چڱي مڙس فقير عاقل گل وساڻ پاران سڀني معززن ۽ بيھاريل اميدوارن جي آجيان ڪئي کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ۽ عوام کي  ننگر پڻ کارايو ويو .

  • راڌڻ ۾سولنگين جو ڪٺ، سهولتون نه ڏيڻ تي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو

راڌڻ (ن ع آ) 30 سال پ پ کي ووٽ ڏنا پر دادو ضلع ۾ سولنگي برادري جا ڳوٺ بنيادي سھولتن کان محروم آھن ۽ موھن جو دڙي جو ڏيک ڏئي رھيا آھن سولنگين جي ووٽن تي مقامي ايم پي اي فياض ٻٽ ۽ ٻيا غريب مان ارب پتي ٿي ويا پر سولنگين جي حالت ن بدلي دادو ضلع جي سولنگين جي80 ڳوٺن جا بنيادي مسئلا حل ن ڪرا ويا  ت چونڊن جو بائڪاٽ ڪيو ويندو سولنگين جي مسئلن حقن جي لاء جدوچھد دوران اگر منھنجي نوڪري وئي ت قوم تان قربان آھي اھڙو اظھار سولنگي سجاڳ تحريڪ جي سرواڻ طارق عباس سولنگي راڌڻ لڳ ڳوٺ ڪمون ماڇي ۾ دادو ضلع جي سولنگي  برادري جي عوامي سمنڊ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو ھن چيو ت ڪچي جي علائقي ۾ ھزارين جريب ٻيلي کاتي جي زمينن تي چانڊيا سردارن ۽ سابق ايم پي اي محمد شاھ جا قبضا ڪيا آھن. جتي ھاري وري سولنگي برادري آھي پر ان زمينن تي حق مقامي سولنگين جو آھي ھن پ پ حڪومت کان گھر ڪئي ت اھي زمينون اتي آباد مقامي سولنگي برادري کي ڏنيون وڃن ھن چيو ت پڪي ۽ خاص ڪچي جي علائقن ۾ سولنگين جي ڳوٺن ۾ ن روڊ ن رستا اسڪول گيس بجلي آھي ۽ موھن جو دڙو جو ڏيک ڏئي رھيا آھن جيڪي بنيادي مسئلا پ پ حڪومت کي حل ڪرڻ گھرجن ھن سولنگي برادري کي اپيل ڪئي ت ھو متحد ٿي پنھنجا حق وٺو اولاد کي تعليم ڏياريو جيڪي پڙھي پنھنجا حق وٺي سگھن ھن چيو ت مان سردار نٿو ٿيڻ چاھيان قوم جا گھڻا سردار ٿي پيا آھن پراصل سردار ماڇڪو پنجاپ وارا سردار آھن جن قوم لاء پنھنجو سر ڏنو ان موقعي تي خطاب ڪندي راڄوڻي اتحاد جي سرواڻ شاھد قمر سولنگي مقامي پ پ ايم پي اي فياض ٻٽ ۽ پ پ اڳواڻ غلام دستگير ڳورڙ تي تنقيد ڪندي چيو ت ٻٽ تو گھر واري پولنگ ئي ن کٽي ۽ ڳورڙ ڌمڪيون ٿو ڏئي ت اسان گرفتاريون ڪري اوھان کي جيلن ۾ بند ڪنداسين پر اسان انھن خلاف احتجاج ڪري جيل ڀريو تحريڪ ھلائينداسين مير نواز سولنگي چيوت ميھڙ جي ھڪ گھر وارو ٿو اسان تي حڪومت ڪري اسان ڪنھن کان ب نٿا ڊڄون اسان اوھان کي پٽڪا پارايا آھن ت لھرائي ب سڪون ٿا اسان اوھان کي بلدياتي ٽڪيٽ لا۽ درخواست ڏني پر اھا اوھان نون ماڻھن کي ڏني جيڪا ناانصافي آھي.

  • جيڪب آباد ۾ شڪايتن بعد پولنگ تبديل نه ٿيون، خون خرابي جو خدشو

جيڪب آباد ( ڊر ) جمعيّت علماء اسلام ضلعي جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آهي ته ضلعي جيڪب آباد ۾ سنڌ جي حمايتي بلدياتي اليڪشن ۾ خون خرابو، ڌانڌلي ۽ ڌمڪين ذريعي ھر صورت ۾ کٽڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي. ضلعي جي سموري سرڪاري مشينري ۽ اليڪشن ڪميشن پ پ اميدوارن جي غلام بڻيل آهي تاريخ ختم ٿيڻ بعد به پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪيون وڃن ٿيون جڏھن ته اسان جا ڌانڌلي روڪڻ لاءِ جائز مطالبا به تسليم نه ٿا ڪيا وڃن. ھن خبردار ڪندي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏني ويندي. اسان پنهنجي جسم تي پھريل ڪپڙن کي ڪفن سمجهي ميدان ۾ لٿل آھيون. ڀوتارن ۽ سرڪاري غلامي ڪرڻ وارن جو گهيراءُ ڪبو ۽ سپريم ڪورٽ پڻ وينداسين. اھڙي خيالن جو اظهار ھن جيڪب آباد جي مختلف وارڊن ۾ ڊور ٽو ڊوڙ ورڪ ۽ ڪارنر گڏجاڻين  کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعلقي امير مولانا عبدالجبار رند ،انجنيئر حمادالله انصاري ،چاڪر خان جکراڻي ۽ ٻين چيو ته پولنگ اسٽيشنن کي ڀوتارن جي اوطاقن تي قائم ڪرڻ پري پول رگنگ آهي. وڌيڪ چيو ته سرڪاري مشينري ذريعي کٽڻ ڌوڪو ۽ عوام جي مينڊيٽ چوري ڪرڻ برابر آهي جنھن سان عوام جي دلين کي نه ٿو کثي سگهجي ۽ عوام جي نذرن ۾ ذليل ۽ خوار ٿيندا ھنن وڌيڪ چيو ته ھاڻي به اسان جي اميدوارن کي ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪايو وڃي ٿو. انهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ ادارن کان مطالبو ڪيو ته ڌانڌلي کي روڪڻ جو انتظام ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ خون خرابي ٿيڻ جو امڪان آهي. وڌيڪ مطالبو ڪيو ته جيڪب آباد ۾ جي يوآء سميت مختلف تنظيمن پاران حساس قرار ڏنل جن ۾ لوگي، بختيارپور، شيرواه، ڪريم آباد، توج، بلوچ آباد، ۽ ميونسپل ڪاميٽي ۽ ٽائون ڪاميٽي جي مختلف وارڊن تي  سي سي ٽي وي ڪيمرائون ۽ رينجر مقرر ڪئي وڃي. ٻئي صورت ۾ خون خرابي ٿيڻ جي ذميوار اليڪشن ڪميشن، آراوز، ڊي آر اوز ۽ ٻيا حڪومتي ذمیداران ۽ ارڪانن تي ھوندي.

  • اڏيرولال اسٽيشن ۾ پ پ زوال جو شڪار بڻجي وئي

اڏيرولال (رپورٽ: سڪندر ساهووال)اڏيرولال اسٽيشن ۾ پ پ پ زوال جو شڪار بڻجي وئي، سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ ايم اين اي  مخدوم جميل الزمان ۽ ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا. پ پ طرفان ٽڪيٽن جو اعلان نه ٿيڻ سبب ٽائون ڪميٽي اوڏيرولال اسٽيشن ۽ يوسي اوڏيرولال اسٽيشن تي مخدوم جميل الزمان طرفان چيئرمين لاءِ نامزد ڪيل پ پ تعلقي مٽياري جي اڳواڻ عزت علي برهماڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٽائون ڪميٽي اوڏيرولال اسٽيشن لاءِ مخدوم جميل الزمان طرفان اميدوارن جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ وارڊ هڪ تي ديوان ليکراج مل، وارڊ نمبر 2 تي ايڊووڪيٽ غلام سرور خشڪ ۽ وارڊ نمبر 3 تي عرفان علي عمراڻي جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي چيو اسان کي 90 سيڪڙو پڪ آهي ته پيپلز پارٽي طرفان ٽڪيٽون اسان جي پينل کي ملنديون ۽ جيڪڏهن پارٽي ٽڪيٽ نه ڏنيون ته اسان مخدوم جميل الزمان گروپ طرفان آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهنداسين ۽ ڪاميابي اسان جي ٿيندي. هن چيو ته اسان سدائين عوامي سياست ۽ عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ اسان جا اميدوار تعليم يافته آهن. ان موقعي عزت علي برهماڻي عوام کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان جي نامزد ٿيل اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪريو ته جيئن اسان ڪامياب ٿي توهان جي خدمت ڪري سگهون. ان موقعي تي عرفان علي عمراڻي، ايڊووڪيٽ غلام سرور خشڪ ۽ ديوان ليکراج پڻ موجود هئا.

  • مقصودي رند ۾ چونڊ سرگرميون آخري مرحلي ۾ داخل

مقصودو رند(ن ع آ)مڪاني چونڊن جي حوالي سان يوسي مراد علي رند ۾ چونڊ سرگرميون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پ.پ اڳواڻ حقير حضور بخش رند ۽ ھزارين جي تعداد ۾ ڪارڪنن پاران ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن تي شاندار ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ عوام جو سمنڊ اٽلي پيو مقصودو رند  کي پ.پ جي جھنڊن ۽ پينافليڪس سان ڪنوار جيان سينگاريو ويو خبر موجب مڪاني چونڊن جي حوالي سان يوسي مراد علي رند ۾ سياسي سرگرميون آخري مرحلي۾ داخل ٿي ويون آهن.   ان سلسلي ۾ پ.پ ضلع سانگهڙ جي سينئر اڳواڻ حقير حضور بخش رند پ.پ آفيس جو افتتاح ڪيو ۽ وڏي تعداد ۾ پ.پ ڪارڪنن سان پ.پ يوسي مراد علي رند اميدوارن سائينداد خان رند ، حاجي خان رند ، مجيب الرحمان رند ، الطاف حسين رند ، عنايت رند ، جبار رند کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ  پنجتن پاڪ پيٽرول پمپ مقصودو رند کان درگاھ سخي سلطان فقير لاشاري تائين ڪارن، موٽر سائيڪلن  تي شاندار ريلي ڪڍي وئي ريلي مختلف ڳوٺن نچايو ڀاڻوجو، ھاشم ڏاھري ۽ ٻين ڳوٺن کان ٿيندي حسيني چوڪ تي پھتي جتي پ.پ اڳواڻ رئيس حقير حضور بخش رند خطاب ڪندي چيو ته انشاالله 26 جون تي يوسي مراد علي رند جو عوام پ.پ اميدوارن کي ڪامياب ڪرائيندو اڄ پ پ جي ريلي ڏسي مخالفن کي خبر پئجي وئي ھوندي ته عوام اسان سان گڏ آھي ۽ عوام صرف پ پ اميدوارن کي ئي ووٽ ڪندو بعد ۾ ريلي درگاھ سخي سلطان فقير لاشاري پھتي جتي پ.پ اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون ان کان اڳ پ.پ اميدوارن جي گلن سان شاندار آجيان  ڪئي وئي ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا.

  • عمران نيازي ملڪ ۾ خانا جنگي ڪرائڻ چاهي ٿو: طارق سيال

راڌڻ (ن ع آ)پي پي اڳواڻ  طارق انور سيال راڌڻ لڳ راڌڻ ويلجي ۾سيد ذوالفقار علي شاھ جي اوطاق تي  شرڪت ڪئي ان موقي تي سردار احمد  خان ٻٽ پ پ اڳواڻ سرفراز ناريجو عرفان مگسي مظهر ٻٽ شفيق سومرو نويد سومرو عرفان ناريجو نظام الدين ڪلهوڙو ۽ ٻيا موجود هئا ان موقي تي پي پي اڳواڻ طارق انور سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران نيازي سرڪار جي نااهلي سبب بجلي پيدا ڪندڙ سمورا سسٽم بند ڪيا ويا هئا انهن ڪمپنين کي نيازي سرڪار ادائيگيون نه ڪيون جنهن سبب پوري ملڪ ۾ سنگين بجلي جو بحران پيدا ٿيو آهي اتحادي حڪومت ڏينهن رات انهي ڪوشش ۾ آهي ته بجلي جي پيداوار تيزي سان وڌائي وڃي ڪجھ ڏينهن ۾ سمورو مسئلو حل ٿي ويندو . هن چيو ته عمران نيازي ملڪ ۾ خانه جنگي ڪرائڻ ٿو  عمران ۽ سندس پوري ٽيم ٺڳن جو ٽولو آهي هن چيو ته هاڻي عمران اسلام آباد ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪرڻ جا خواب پيو ڏسي نيازي پنهنجي نااهلي مهانگائي ڪرپشن سبب پنهنجي حڪومت وڃائي ويٺو هو هن چيڪو ته بلدياتي چونڊن ۾ پوري سنڌ ۾ پ  پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيندا هن چيو ته پ پ پ اميدوارن کي هارائڻ آسان ڪم نه آهي جڏهن ميدان متو ته پ پ پ مخالف ڏٺي نظر نه ايندا پ پ پ پ هميشه آزاد ميڊيا تي يقين رکي ٿي نيازي سرڪار جي ڪري سنڌ صوبي وڏو نقصان کاڌو هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته  بلاول پهريون وزير خارجه آهي جنهن جي عمر 33 سال آهي شهيد ڀٽو به 35 سالن جي ڄمار ۾ پرڏيهي وزير ٿيو هئو اسان کي پنهنجي قيادت تي اهو يقين آهي ته ملڪ جو ايندڙ صدر آصف علي زرداري صدر ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزير اعظم ٿيندو.

  •  اليڪشن ڪميشن ڄامشورو ۾ فارم رد ٿيندڙ اميدوارن جي اپيل داخل

ڪوٽڙي ( ن ع آ) ضلعي جي اليڪشن ٽربيونل سيشنس جج ڄامشورو ثمڪن مغل وٽ اڄ اپيلون داخل ڪرڻ جي آخري ڏينهن تي فارم رد ٿيندڙ متاثرن پهچي اپيلون داخل ڪرائي ڇڏيون ان موقعي اليڪشن ٽربيونل ۾ پهتل ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ ڄامشورو ضلعي ۾ پ پ پ مخالف بيهندڙ اڪثر اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آهن ۽ ڪيترن ئي اميدوارن توڙي انهن جي ترديد ۽ تجويز ڪندڙن کي پوليس هٿان کنڀي گم ڪرايو ويو آهي . جيڪا انتهائي ڪريل حرڪت آ پ پ پ ذوالفقار ڀٽو جي روايت کي ڊهرائي پئي جيڪا هن 1975 ۾ ڪئي هئي ساڳي پريڪٽس موجوده اليڪشن ۾ ڪئي پئي وڃي پر کين ياد رکڻ گهرجي تہ هي 2022  آهي مراد شاھ بوکلاهت جو شڪار ٿي ضلعي جي مشينري کي استعمال پيو ڪري عوام جي نفرت واري اظهار کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ،ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻن ملڪ چنگيز خان پير نديم شاھ جيلاني ۽ ڪانڀو خان برهماڻي چيو تہ بلدياتي اليڪشن دوران پ پ پ سموري مشينري کي ستعمال پئي ڪري جيڪو غير قانوني عمل آهي ماڻهون کنڀي گم ڪرڻ فارم رد ڪرائڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل جو نوٽيس ورتو وڃي پندرنهن سالن کان اقتدار ۾ ويٺل پيپلز پارٽي کي پنهنجي شڪست نظر پئي اچي ان ڪري هو سمورا حربا هلائي رهيا آهن.

  • ڪوٽڙي ۾آزاد اميدوارجي پيءٌ ۽ ڀائرن مٿان ڪيس داخل، احتجاج

ڪوٽڙي(ن ع آ) ڪوٽڙي بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي ڏوھ ڀاء کي کنڀيو ويو مون سميت بابا ڀائرن ۽ مائٽن مٿان پنج ڪيس داخل ڪيا  ويا آهن اقتداري ڌر ۽ ڀوتار ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي پوليس مڪمل طور تي ڌر بڻجي ڪارروايون پئي ڪري نوٽيس ورتو وڃي ،ڪوٽڙي واسي نوجوان واجد علي خاصخيلي ڄامشورو جي عدالت ۾ صحافين سان دانهيندي چيو آهي تہ اليڪشن ۾ آزاد اميدوار طور بيهڻ تي منهنجي والد دوست محمد خاصخيلي ۽ مون سميت سڀني ڀائرن ۽ دوستن تي مختلف ٿاڻن تي 5 ايف آئي آر داخل ڪيون ويون آهن هن چيو تہ 2 ڏينهن اڳ ڪوٽڙي مان منهنجي ڀاءُ کي پوليس بنا جواز کنڀي گم ڪيو، احتجاجي مظاهرو ڪرڻ تي  اسان مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي هن چيو تہ هن ضلعي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جهڙوڪ پاڻ کي عذاب ۾ وجهڻ برابر آهي پر امن شهري آهيون ايڏي وڏي ذيادتي تي اختياريون نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن هن اعلي اختيارن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڊي آئي جي حيدرآباد کا نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي تہ  انصاف ڪيو وڃي.

  • پ پ جي اقتداري دور ۾ غريبن کي روزگار مليو: علي ڏنو گاڏهي

ڏوڪري  ( ن ع آ )  پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي، پ پ سٽي صدر ۽ وارڊ پنج جي اميدوار قاضي جميل احمد  جوڻيجو جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اقتداري دور ۾ بيروزگاري جو خاتمو آڻي غريبن مسڪينن کي روزگار فراهم ڪيو، ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي چار سال مخالفن جي حوالي هئي مخالفن هڪ روپي جو به ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي ۾ ڪم ناهي ڪرايو. هنن چيو ته ڏوڪري ٽائون جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي 26 جون تي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏئي تير تي ٺپو هڻي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪندو. ان موقعي تي فدا حسين گاڏهي، فياض خان جوڻيجو، بشير احمد ٿهيم، پرڪاش لعل چانڊواڻي، پ پ ليڊيز ونگ ضلعي اڳواڻ غلام فاطمه ميراثي، عبيدﷲ جوڻيجو، ڊاڪٽر محمد عثمان کوکر، رياض ڀٽو، نثار جتوئي ۽ ٻيا موجود هئا.  هوڏانهن پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي، وارڊ پنج جو اميدوار قاضي جميل احمد جوڻيجو، وارڊ 4 جو فدا حسين گاڏهي، وارڊ 3 جو اميدوار فياض خان جوڻيجو، وارڊ 1 جو اميدوار محمد اعظم سومرو، وارڊ 2 جو اميدوار بشير احمد ٿهيم ۽ ٻين پاران شاپ ٽو شاپ ورڪ مهم هلائي ووٽ وٺڻ جي اپيل ڪئي.

  • مانجهند ۾پ پ مخالف  اميدوارن  لاءِ ڌرتي تنگ، ڇاپاگرفتاريون

مانجهند (ن ع آ ) مانجهند تعلقي ۽ ضلعي ڄامشورو ۾ پ پ اميدوارن خلاف بلدياتي چونڊن ۾ نامينيشن فارم ڀرائيندڙ خلاف انتقامي ڪاروايون  جاري آھن مانجهند آمري سن خاڻوٺ ڪول مائينز ٻڍاپور ٿاڻن جي پوليس جا اٽالا مخالف اميدوارن جي گهرن ڏانهن ويندڙ رستن تي مقرر ڪيا ويا آھن جنهن سبب اميدوار اڻڄاتل هنڌن تي رهڻ تي مجبور آھن آمري پل تي پوليس ناڪابندي ڪندي سختي سان چيڪنگ ڪرڻ لڳي ڀان سيدآباد جي  اميدوارن  منور ميمڻ ۽ رمضان ملاح کي ڪورٽ پهچڻ کان اڳ کنڀي گم ڪيو ويو.

  • خيرپور جي يوسي شادي شهيد جي اميدوارن پاران گڏجاڻيون

خيرپور( ڊ ر) بلدياتي اليڪشن ۾ يوشي شادي شھيد ۾ مختلف علائقن ڳوٺ سونو خان ڌاريجو ڳوٺ آدم خان مھراڻي ڳوٺ پارو فقير اوڍاڻو  ڳوٺ دريا خان لنڊ  ۾ گڏجاڻيون ڪري 26 جون تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن بابت ماحول گرم ڪري ڇڏيو پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ درگاهه حضرت لونگ فقير جي سجادا نشين فقير شير علي ڏيٿو طرفان پارٽي اميدوارن کي کٽرائڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ فقير شير علي ڏيٿو گذريل ڏينهن مختلف وارڊن جي چڱن مڙسن کي ساڻ ڪري گڏجاڻيون ڪيون ان دوران خطاب ڪندي سائين فقير شير علي ڏيٿو چيو تہ اسان هميشه عوام منجھ رهي سياست ڪئي آهي ۽ ڪوشش ڪندا آهيون تہ اعتماد ڪندڙ دوستن سان ڏکن سکن ۾ گڏ هجون مان پيپلز پارٽيءَ جي مخالف اميدوارن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو تہ اوهان کي ڪجھ بہ حاصل نہ ٿيندو ۽ اچو اسان گڏجي هلون ۽ عوام جا گڏجي مسئلا حل ڪريون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمہ شهيد بينظير ڀٽو واحد ليڊر هئي جيڪي عوام منجھ رهيا ۽ اسان جي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو بہ پنهنجي ماءُ ۽ ناني جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي جيڪو انشاء آلله ملڪ کي مالي بحران مان ڪڍندو، پاڪستان پيپلزپارٽي يوسي شادي شھيد وائيس چيئرمين گلبھار ڌاريجو ڳالهائيندي  چيو تہ پ پ شادي شھيد جا سڀئي دوست گڏ آهن انهن جي محنتن سان انشاءالله شادي شھيد ڪلين سوئيپ ڪندي ۽ يوسي شادي شھيد جو چيئرمين وائيس چيئرمين پيپلز پارٽيءَ جو هوندو ان موقعي تي سيد قرار الدين شاهه حاجي محمد اڏيل رئيس شھبيگ لنڊ محرم خان ھاليپوٽو ڊسٽرڪٽ  ڪائونسل ميمبر وڏيرو ديدار ڪٽوھر عبدالستار  مھراڻي محمد نواز ڌاريجو عرفان ھاليپوٽو  غلام عباس شنباڻي وڏيرو منظور ڪٽوھر بگن خان ڌاريجو ذوالفقار ڪٽوھر خاومد ڏنو ڌاريجو سميت ٻيا ساڻس گڏ ڪيترائي جيالا گڏ هئا.

  • اسلام ڪوٽ ۾ پ پ جا جهنڊا ساڙڻ جو الزام، ڪيس داخل

اسلام ڪوٽ (ت،ر)اسلام ڪوٽ ڀرسان پي ٽي آء جي 15  ڪارڪنن تي پ پ پ  جا جهنڊا  ساڙڻ جو ڪيس داخل،پ پ پ اڳواڻ جي فرياد تي ڀيل برادري جي 9 نامينيٽ سميت 6 نامعلوم ماڻهن تي ڪيس داخل،ٻه پورهيت شهر مان سامان وٺندي گرفتارانهي سلسلي ۾  فريادي پ پ پ اڳواڻ ذوالفقار ناريجو جي فرياد تي جهن پوليس   ڳوٺ جوڙيو جي رهواسين  ڀيل برادري جي 15 پورهيتن جن ۾ 9 نامينيٽ ۽ 5 کان 6 نامعلوم ماڻهن تي پ پ جا جهنڊا ساڙڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي،جن ۾ پي ٽي آء جا سمورا ڀيل برادري جا پورهيت خميسو ڀيل،جاني، توگو،ٻلو.مانو،پارو.گلجي ۽ ٻيا شامل آهن،فريادي پ پ اڳواڻ  ڄاڻايو آهي ته اسان اليڪشن سبب ڳوٺ جوڙيو ۾  پ پ جا جهنڊا لڳايا هئا  ڄاڻايل ماڻهن سمورا جهنڊا لاهڻ بعد ساڙي ڇڏيا  اسان مخالفن کي ائين ڪرڻ کان منع ڪندي سجهايو  جنهن تي مخالف لٺيون کڻي جهيڙي لاءِ تيار ٿي  اچي گارگند ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون آهن،هوڏانهن متاثر ڌر جي خميسو ڀيل رابطي تي ٻڌايو ته اسان تي جهنڊا لاهڻ ۽ ساڙڻ جو الزام ڪوڙو آهي اصل ۾ اسان  وٽ  پي ٽي آء اڳواڻ لڄپت سوراڻي  دعوت تي اچي رهيو هو ۽  جلسو پڻ  رکيل هو جنهن تان اسان  جي مخالف ڌر جي  پيارو ڀيل،واگهو،ماستر ۽  ڪلجي سازش تحت  پاڻ جهنڊا لاهي باھ ڏيئي ساڙڻ  بعد ٻي ڳوٺ ماڃيٺيءَ جي  پ پ اڳواڻ ذوالفقار  کي گهرائي اسان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي،هن چيو ته  پوليس پ پ پ وارن جي  ونگار وهندي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ بعد اسان  جي ٻن نوجوانن الجي ۽ روشن ڀيل جيڪي اسلام ڪوٽ سيدو سامان وٺڻ ويا هئا تن کي مخالفن هٿ سان پڪڙي پوليس کي ڏنا ۽ پوليس گرفتار ڪري  گم ڪري ڇڏيا آهي جن جا ايف آء آر ۾ نالا به نه آهن  پوء به پوليس  حراس ڦهلائڻ خاطر بي ڏوهين کي  گرفتار ڪري ظلم جي حد ڪري ڇڏي آهي،مخالفن پوليس معرفت  اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي،هن چيو ته واقعي جو اليڪشن ڪميشن ۽ اختياريون  نوٽيس وٺي اسان سان  انصاف ڪيو وڃي،ٻي پاسي رابطي تي جهن پوليس ٿاڻي تي موجود  اهلڪار ٻڌايو ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ پوليس ويل آهي هتي اڃان تائين  ڪنهن کي گرفتار ڪري نه آندو ويو آهي.

  • سکر ۾ ايم ڪيو ايم اميدوار هٿ کڻي وئي، پ پ ۾ شامل

سکر(رپورٽر ) سنڌ ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن کان اڳ اميدوارن پاران پنھنجون سياسي وفاداريون مٽائڻ جو سلسلو جاري آھي. ان ڏس ۾ سکر جي جيئي شاھ ٽائون ڪاميٽي جي يوسي 2 جي وارڊ تي ڪائونسلر جي اميدوار ايم ڪيو ايم پاڪستان ليڊيز ونگ سکر جوائنٽ انچارج آپا ساجده احمد جي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ، لوڪل ڪائونسل ايسوسيئيشن پاڪستان جي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاھ ۽ يوسي 2 جي وائيس چيئرمين جي اميدوار سيد قوت علي شاھ عرف فرحان شاھ جي ھٿ تي ايم ڪيو ايم ڇڏي ۽ ڪائونسلر واري سيٽ تان ھٿ کڻي ڇڏيو آھي. ان موقعي تي سيد ڪميل حيدر شاھ ڳالھائيندي چيو ته آپا ساجده احمد کي پ پ ۾ شموليت ڪرڻ تي کيس خوش آمديد ٿا چئون. پيپلز پارٽي غريب عوام جي پارٽي آھي. سڄي سنڌ مختلف پارٽين جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ پ پ ۾ شموليت ڪري رھيا آھن. پ پ ھميشا غريب عوام جي ڳالھ ڪئي آھي ان ڪري ماڻھن پ پ ۾ شموليت ڪري رھيا آھن. تقريب دوران پ پ اڳواڻ علي مغل، ايڏووڪيٽ شگفتا، شھناز شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

  • سڪرنڊ جي يوسي حمل فقير ۾ پ پ اميدوارن جي ڪارنر گڏجاڻي

سڪرنڊ (ن ع آ)  سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ نئون ٻاٺو ۾ انڊ پبلڪ سوشل فورم جي  اڳواڻ جان محمد ڪيريو پاران يوسي حمل فقير ۾ پ پ پ  جي نامزد ڪيل اميدوارن چيئرمين اميدوار راجا وسيم لغاري، وائيس چيئرمين محمد بچل ڪيريو، وحيد راھو ، ۽ ٻين جي حمايت ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي  ان موقعي تي اڳوڻو تعلقي ناظم سيد غلام علي شاھ ۔ غلام شاھ لغاري، حاجي علينواز چانڊيو ، امتياز علي راھو ، غلام علي چانڊيو ، محمد بچل ڪيريو ، حاجي حسين بخش ڪيريو، نثاراحمد ڪيريو ، شوڪت علي ڪيريو، علي شير ڪيريو ،شاهد علي ڪيريو ۽ ٻين ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ به پ پ پ ماڻھن جي دلين ۾ راڄ ڪري ٿي پ پ پ تونھان جي ٻچن جو مسقبل آھي۔ مخالفن کي شڪست نصيب ٿيندي ۔ سردار عبدالستار ڪيريو جون پارٽيءَ سان سچايون آھن ۽ اتان محبت ملي ٿي ان ھميشا پ پ پ جي اميدوان جي دل سان حمايت ڪئي ۽ انھن کي چونڊن ۾ کٽرايو پڻ آھي  ان کان اڳ پ پ پ جي اميدوارن جي ريلي ڳوٺ نئون ٻاٺو پھتي ته ڳوٺاڻن شاندار استقبال ڪري مٿن گلن جي ورکا ڪئي.

  • ٽڪيٽ حوالي سان مختلف افواھون ھلي رھيون آھن: محمد علي شاهه

پليجاڻي(رپورٽ: واحد خاصخيلي) يوسي تاجپور ۾ پ پ ٽڪيٽ لاءِ سياسي سرگرميون تيز، پ پ ٽڪيٽ لاءِ عوام خدمت پينل پنھنجي ساٿين سميت  سينيٽر سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ سان ملاقات ڪئي. اميدوار نواب غلام اصغر لغاري، غلام اڪبر کوسو،   ملاقات  ۾ ٻڌائيندي چيو ته اسان اڻٿڪ ۽ مضبوط ماڻھن جي پينل ساڻ کڻي بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺي رھيا آھيون،  اسان عزم عوام جي خدمت ۽ عوام جي ھر مشڪل گهڙي ساڻن گڏ بحيثيت پ پ  ورڪر ڪم اچي سگھون. ان موقعي تي نواب عديل احمد لغاري،  ايڊووڪيٽ نواب وقار احمد لغاري، ايڊووڪيٽ ماجد علي ناھيون اميدوارن سان گڏ موجود ھئا. سينيٽر سردار سيد محمد علي شاهه اميدوارن کي ٻڌايو ته  ٽڪيٽ جي باري ۾ مختلف افواھون ھلي رھيون آھن، انشاء الله پينل لاءِ پ پ ٽڪيٽ جي حمايت ڪري، ڪامياب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين ۽ پنھنجن پراڻن ساٿين سان به ملاقاتون ڪنداسين.17

  • آريجن جي مخلتف وارڊن تي جي ڊي اي اڳواڻن ورڪ تيز ڪري ڇڏي

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) بلدياتي اليڪشن 2022 جي سلسلي ۾ ٽائون ڪميٽي خير محمد آريجا تي پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي جي  اميندوارن ۾ سخت مقابلا ٻنهي پارٽين طرفان جوڙ توڙ ۽ رٺلن کي پرچائڻ جو سلسلو تيز پ پ کي ڪيترن ئي برادرين جي حمايت حاصل جي ڊي اي اميندوار به ميدان مارڻ لاءِ سرگرم ۽ ڪاميابي جي دعويٰ ڪري ڇڏي، جڏهن ته خير محمد آريجا جي 7 وارڊن تي بيٺل پ پ اميدوارن محسن علي آريجو، حزب الله آريجو، خالد سيف الله آريجو، محمد اويس سھڙو، شاهنواز سنديلو ،احمد بخش سھڙو، ۽ ممتاز علي کوهارو ۽ ٻين کي کٽرائن لاءِ سندن جي حمايت ۾ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال اڳوڻو ايم اين اي نظير احمد ٻگهيو ۽ محمد علي امر ٻگھيو طرفان ڊوڙ ٽو ڊوڙ ورڪ مهم تيز ۽ مختلف برادرين طرفان کين آجياڻا ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايو ويون پ پ اڳواڻن طرفان پنهنجن اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائي ڇڏيو آهي، هوڏانهن جي ڊي اي اڳواڻن عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ پاران جي ڊي اي جي پليٽ فارم تي بيٺل ٽائون ڪميٽي جي 7 وارڊن تي اميندوار ممتاز علي ميمڻ، احمد علي آريجو، جاويد آريجو ،ميان مشتاق تونيو، حافظ احساس ﷲ کوهارو ۽ ٻين کي کٽرائڻ لاءِ پڻ ورڪ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي.

  • واهي پانڌي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف  ريلي

واهي پانڌي (ن ع آ) واهي پانڌي ۾ پي ٽي آئي جي اڳواڻ غلام محمد لاشاري ۽ سندس پٽ خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف تحريڪ  انصاف ۽ شهرين طرفان واهي پانڌي اسپتال کان گورک چونڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي گورک چونڪ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڀائي خان لاشاري، ظفر رستماڻي ،ديدار رستماڻي، امان الله لاشاري ۽ ٻين چيو ته سياسي بنياد تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين هنن چيو ته پي ٽي آئي اڳواڻ غلام محمد لاشاري ۽ پٽ فاروق لاشاري تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي هنن آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو پي ٽي آئي اڳواڻن خلاف داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرايو وڃي نااهل ايڇ او هٽائي انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

  • پ پ جي چونڊيل نمائندن ملازم بدلي ڪري بجيٽ روڪي: حاجي خان مهر

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏهرڪي ۾ مهر گروپ اڳواڻ  علي گوهر خان مهر جي فرزند ۽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين گهوٽڪي حاجي خان مهر پنهنجي  اتحادين سان گڏجي يوسي ٻيروٽا جا طوفاني  دورا ڪري ڏهرڪي تعلقي بار جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري وڪيل غلام رسول مهر پاران ڳوٺ ڪيهر ستابو مهر  پاران ڪوٺايل عوامي ميڙاڪ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته حاجي خان مهر جي ڳوٺ ستابو مهر پهچڻ تي وڪيل غلام رسول ۽ ٻين ڳوٺاڻن پاران شاندار اسقبال ڪري مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي، ان موقعي تي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي حاجي خان مهر چيو ته مون پنهنجي ضلعي چيئرميني واري دور ۾ ڏهرڪي جي مختلف يوسين ۾ بنا ڪنهن فرق جي ترقياتي ڪم ڪرايا جڏهن ته منهنجي ڪيل ڪمن کان خوف زداه ٿي پ پ جي چونڊيل حڪمرانن ضلعي ڪائونسل جا ملازم بدلي ڪري تقريبن 32 ڪروڙ روپين جي بجيٽ روڪي ڇڏي جيڪڏهن هو رقم نه روڪن ها ته مان هر ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايا ها منهنجي والد  علي گوهر خان مهر گهوٽڪي جي عوام جي حقن لاءِ هميشه آواز اٿاريو آهي جنهن لاءِ عوام کي مهر گروپ جي اميدوارن جو ساٿ ڏئي کيس چونڊون ۾ ڪامياب ڪرڻ گهرجي،  ان موقعي تي حاجي خان مهر سان راجا خان مهر هزار خان مهر مير خان مهر فقير ڪمال دين پنهيار الاهي بخش خان مهر عمر خان مهر فقير محمد  انساڻي مهر يوسي ٻيروٽا تي جي ڊي اي جي چيئرمين جي اميدوار سخي مهر ضلع ڪائونسل جي اميدوار امداد خان مهر  ۽ ساڻس گڏ هئا.

  • يوسي خوش خيرمحمد تي چونڊ چهچٽو، اميدوارن جون گڏجاڻيون

اڪري چودڳي (ن ع آ)  يوسي 48 خوش خيرمحمد هيسباڻي ۾ پ پ پ جي بلدياتي اليڪشن جي ورڪ جي سلسلي ۾ ايم اين اي سيد فضل  علي شاھ جيلاني جو ڀاء احمد علي شاھ عرف جگنو شاھ جا يوسي جي نامزد اميدوارن فقير جاويد هيسباڻي فقير عجب علي هيسباڻي ۽الهداد زرداري سان گڏ يوسي خوش خيرمحمد هيسباڻي جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري پ پ پ جي پئنل لاء ووٽ ۽ سپورٽ لاء جي گذارش ڪئي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي جگنو سائين فقير جاويد هيسباڻي ۽فقير عجب علي هيسباڻي ۽ٻين چيو ته پ پ پ هميشه غريبن مسڪينن جي حقن جي ڳالھ ڪئي آهي ۽بلاتفريق غريب عوام جي خدمت ڪئي آهي ڇو جو پ پ پ سنڌين جي پارٽي آهي 26 جون تي تير تي ٺپو هڻي پ پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪري مخالف پارٽين کي عبرتناڪ شڪست جو مزو چکايو ويندو.

  •  سيٺارجا ۾ چونڊ سرگرميون تيز، جي ڊي اي اميدوارن پاران ريلي

سيٺارجا  ( ن ع آ سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي جي  11 وارڊن تي جي ڊي اي جي ضلعي صدر محرم علي شاه ,تعلقه صدر امير طارق حسين ڪٻر, رئيس فدا احمد خان لنڊ ۽ اميدوارن جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏي شاندار ريلي ڪڍي ۽ مختلف وارڊن ۽ ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون جنهن ۾ سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي اندر وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي علائقي جا مسئلا حل ڪرڻ جو پڻ وچن ڪيو ويو  ريلي جي شروعات گلستان شبير کان ٿئي جيڪا روهڙي ڪئنال پل کان ٿيندي سيٺارجا شهر جي مختلف محلن کان ڊينگل ويسر تي پهتي جتان ريلي درگاه پير ڇتن شاه بخاري تي اقتدام پذير ٿي ان موقعي تي ريلي ۽ گڏجاڻين کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سيٺارجا اندر پيپلز پارٽي کي بري شڪست نصيب ٿيندي هر دفعي چور دروازي کان اچي اقتدار سنڀاليندا آهن هن ڀيري هتان جو عوام جي ڊي اي سان گڏ آهي هنن وڌيڪ چيو ته ٽائون ڪاميٽي جي 11وارڊن اندر جي ڊي اي مخالفن کي ڪلين سوئيپ ڪندي ان موقعي تي وارڊ نمبر 9 عاشق حسين ڪٻر, وارڊ نمبر 8 ڪليم الله جٽ, وارڊ نمبر 7 حبيب الله ويسر, وارڊ نمبر 5 منظور حسين ڪٻر,وارڊ نمبر 4 بابو شير محمد راڄپر , وارڊ نمبر 3 اعجاز علي لنڊ , وارڊ 1 سرائي مشتاق احمد خاصخيلي, وارڊ نمبر 2 ۾ حمايتي يافته اميدوار سائينداد حاجي ۽ وارڊ نمبر حمايتي يافته جماعت اسلامي جو اميدوار سرفرار احمد جٽ پڻ گڏ هئا.

  • آر او ۽ ڊي آر او خيرپور جي ڊي اي اميدوارن سان ناجائزيون پيا ڪن: اسماعيل راشدي

گمبٽ (ن ع آ) فنڪشنل ليگ سنڌ جي نائب صدر سيد محمد اسماعيل شاهه راشدي، ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري سيد عقيل حيدر شاهه ۽ ميونسپل ڪاميٽي گمبٽ تي جي ڊي اي پاران چيئرمين لاءِ اميدوار شيخ خالد حسين گمبٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميونسپل ڪاميٽي گمبٽ سميت ٽائون ڪاميٽي کهڙا، ٽائون ڪاميٽي اڳڙا ۽ تعلقي جي ٻين يوسين تي مقرر آر او گمبٽ ۽ ڊي آر او خيرپور جي ڊي اي اميدوارن سان ناجائزيون ڪري رهيا آهن، جي ڊي اي اميدوارن جا شهرن ۾ لڳل بينر مخالفن سان ملي ڀڳت ڪري لهرايا پيا وڃن ۽ اسان جي اميدوارن کي گهٽ سائيز وارا بينر هڻڻ جي اجازت آهي جڏهن ته مخالفن تي ڪا به پابندي ناهي. آر او گمبٽ پ پ پ ايم پي اي ۽ ايم اين اي جا مقرر ٿيل آهن جيڪي سندن ونگارو بڻيل آهي، تعلقي گمبٽ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جي ڊي اي اميدوارن کي زبردستي ويهارڻ لاءِ هيسايو پيو وڃي ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن چيوته گذريل بي ڊي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ لاءِ درازا سانحو ڪيو ويو، جنهن ۾ فنڪشنل ليگ جا 11 ڪارڪن شهيد ڪيا ويا هئا جن جي عظيم قرباني آهي اڄ به گمبٽ جو عوام ڄاڻي ٿو ته ف ليگ هميشه حق ۽ سچ جي سياست ڪئي آهي بيگناهه سندن ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو جن جي خون سان اڄ تائين انصاف ناهي ٿي سگهيو ، فنڪشنل ليگ جي حڪومت آئي ته شهيد محترمه جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس ڪندي ف ليگ اڳواڻن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته ايندڙ بي ڊي اليڪشن ۾ خونريزي جو خدشو آهي، جنهن ڪري پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائي رينجرز ۽ پاڪ آرمي جي جوانن کي مقرر ڪري ووٽنگ کي شفاف بڻايو وڃي. گڏيل پريس ڪانفرنس دوران جي ڊي اي اڳواڻ سيد مرتضيٰ شاهه راشدي، سيد نورالهديٰ شاهه جيلاني، سيد سرڪار حسين شاهه لڪياري سميت ٻيا موجود هئا.

  • پ پ وارن تان عوام جو اعتماد ختم ٿي چڪو آهي: معظم عباسي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اڳواڻ ايم پي اي معظم علي عباسي، مولانا راشد خالد محمود سومرو، مولانا ناصر خالد محمود سومرو،  مولانا طاهر خالد محمود سومرو، مولانا محمود الحسن سومرو، علي حسن ڏاھاڻي، ايڊووڪيٽ منصور علي ڏاھاڻي، غلام علي ڏاهاڻي، مير سڪندر خان مينگل، پپن سومرو، مولانا حميدالله سيال ۽ ٻين چيو ته  پيپلز پارٽي وارن قوم کي اٽو لٽو ۽ اجهو ناهي ڏنو پر انهن کان کسي ورتو آهي، پيپلز پارٽيءَ وارن تي لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي عوام جو اعتماد ختم ٿي چڪو آهي ۽ اڄ سنڌ ۾ هر پاسي تباهي تباهي ئي نظر اچي رهي آهي جنهن جا ذميوار پيپلز پارٽي وارا آهن. هنن چيو لاڙڪاڻي جو باشعور عوام چونڊن ذريعي تبديلي تي يقين رکي ٿو ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ جي يو آءِ ۽ عوامي اتحاد لاڙڪاڻو ئي ڪاميابي ماڻيندي، هنن چيو ته عوام کي ڪرپٽ سياستدانن مان نجات ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي سکڻ نعرن ۽  ڪوڙن دلاسن تي عوام کي ڪير به گمراهه نٿو ڪري سگھي. هنن چيو ته اٽي، لٽي، اجهي جي نالي تي شهرين کي ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي، هنن چيو ته عوام ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ ۾ عوام دشمن ۽ عوام دوست ۾ فرق ڪري، عوام علائقائي مفادن کي نظر ۾ رکندي اهل، باصلاحيت ۽ قابل اميدوارن کي ووٽ ڏئي اليڪشن ۾ عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن کي رد ڪندو، اسين هميشه اصولن جي سياست ڪئي آهي، سياست کي عوام جي خدمت جو ذريعو سمجهو ٿا، لاڙڪاڻي سان ويساهه گھات ڪندڙن جو لاڙڪاڻي جو عوام ووٽ ذريعي احتساب ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته پ پ جي ڪرپٽ نمائندن کي ماڻهو پنهنجن تڪن مان واپس اماڻي رهيا آهن، پيپلز پارٽي جمهوريت ۽ شهيدن جي نالي تي لاڙڪاڻي سميت سموري سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، عوام هاڻي بيدار ٿي چڪو آهي، چونڊن جي موسم ۾ سڀني کي عوام ياد آيو آهي، عوام هاڻي آزمايلن جي دلاسن، خاطرين ۽ آسرن ۾ نه ايندو، عوام کي هاڻي پراڻن نعرن سان متاثر نٿو ڪري سگھي، ماضيءَ جي حڪمرانن عوام کي ڪجهه به ناهي ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.