فريدآباد ۾بدامني، جوابدار پڪڙڻ تي استاد تي تشدد، ڌرڻو

فريدآباد  ( ن ع آ ) ڳوٺ قائم جي رھواسي پ ٽ الف اڳواڻ محرم جتوئي جي کھڙا وليج تي بيٺل موٽرسائيڪل سي ڊي 2018 ماڊل چور ڪاھي ويا پيرو کنيو ويو موٽرسائيڪل  جو تيل ختم ٿيڻ ڪري فريدآباد  روڊ  تي چور مير حسن کوسوڀ۽ طالب کوسوکي پڪڙي وڌو ـ پڪڙيل چورن کي ڇڏائڻ کوسا برادري جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ پھچي ويا  پ ٽ الف اڳواڻ غلام مصطفيٰ جتوئي، محرم جتوئي سان مزاحمت ڪري تشدد ڪيو پڪڙيل چور ڇڏائي ويا ـ اھڙي عمل ۽ بدامني خلاف جتوئي برادري پ ٽ الف اڳواڻ غلام مصطفا جتوئي ـ محرم جتوئي ـ رستم جتوئي ـ خادم جتوئي محمد بخش جتوئي پيارعلي جتوئي ۽ ٻين فريدآباد  پل تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.  ـ چوريون ڦرون بند ڪريو جا نعرا ھنيا ـ ان موقعي تي پ ٽ الف اڳواڻ غلام مصطفا جتوئي چيو ته فريدآباد  ٿاڻي جي حد ۾ چوريون ڦرون وڌي ويون آهن ـ سرعام ڏينهن ڏٺي جو موٽرسائڪلون چوري ٿي رھيون آهن ـ ڦورو سرعام کھڙا وليج  ھوٽلن  تي ويٺا آهن ـ اسان جي سائيڪل چوري ٿي آهي چور پڪڙيا آهن ڳوٺاڻن مزاحمت ڪري ڇڏائي ويا آهن جھيڙو ڪرائڻ چاھن ٿا جيڪو عمل غيرقانوني آهي اسان آء جي سنڌ ـ ڊي آء جي حيدرآباد ـ ايس ايس پي دادو کان گھر ٿا ڪريون ته ڪيس داخل ڪري چورن کي گرفتار ڪيو وڃي ـ اسان 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏيون ٿا چورن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو، ھوڏانھن  فريدآباد  ٿاڻي تي محرم جتوئي جي فرياد تي طالب حسين کوسو  ـ مير حسن کوسو۽ ٻن نامعلوم سميت چئن ڄڻن تي اين سي داخل ڪرائي وئي ـ جڏهن ته گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.