مانجهندلڳ ناري مٿان ڪارنهن جي فتويٰ ،تشدد،رڙيون، پاڙي ۾ پناهه ورتي

مانجهند ( رپورٽ: بابو عمراڻي )    ٻڍاپور ٿاڻي جي حد ۾ جرڳي ذريعي بااثر وڏيري جي فتوي تي  18 ورھين جي ناري ريحانا ماڇي کي ڪارنھن الزام جي تھمت ھيٺ 4  جوابدارن  گھر تي حملو ڪري وحشياڻو تشدد ڪريقتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  جنهن جي رڙين تي پاڙي وارن ناري کي بچائي ورتو وارثن موجب سندن  شڪايٿ تي ڊي ايس پي خاڻوٺ واقعي واري هنڌ  پھچي جوابدرن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏيڻ بجائي معاملي  کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ناري جي ماء نماڻي ماڇي چاچي شاهنواز ماڇي متاثر ناري سان گڏ احتجاج ڪندي  ٻڌايو ت سندن برادري جي جوابدارن  منهنجي گھر تي حملو ڪري منهنجي ڌي کي ڪارنھن الزام جي  ھيٺ وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد درياء ۾ ٻوڙي  قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي پاڙي وارن بچايو پر پوليس بااثرن جي ونگارو بنجي کين گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناهي جنهن سبب دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھيون  هنن الزام هنيو ت سرڪاري ڌر جي بااثر شخصيت جي ويجهي ساٿي ٻڍاپور جي علائقي جي بااثر جرڳائي 30 کان وڌيڪ عورتن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرائي چڪو آھي کين تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.