پني عاقل لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، عورت سميت 13 ڄڻا زخمي، 3 گرفتار

پنوعاقل ( ت ر )پنوعاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ گجر باگڙي ۾ زمين جي مالڪي تان باگڙي ۽ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مامري تان جھيڙو ٿيڻ ڪري لٺيون ڏنڊا سران لڳڻ ڪري ٻنھي ڌرين جا ھڪ عورت سميت 13 ڄڻا  سخت زخمي پوليس پھچي زخمين کي کڻائي تعلقه اسپتال پھچايو،ڌرين جون ھڪ  تي رپورٽون درج،3 ڄڻا گرفتار،خبرموجب. سٽي ٿاڻي جي حد پيرحسڻ لڳ گجر باگڙي ڳوٺ وٽ پلاٽ جي ماري تان باگڙي ۽ مري برادري جي ڌرين ۾ جھيڙو ٿيڻ ڪري ھڪ ٻي کي ڏنڊا لٺيون ۽ سران ھئئڻ ڪري مشتاق احمد،سڪندر،ھادي بخش،عابد،رفيع الله،يار محمد،شيرارز مري زخمي جڏھن ته راجڪمار،ارجن،جيوڻ،بيشو،مائي شيري باگڙي سميت 13 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،جھيڙي جي خبر ٻڌندي پنوعاقل پوليس پھچي زخمين کي کڻائي تعلقي  اسپتال پھچايو ۽ واقعي جي رپورٽ درج ڪري ٽن ڄڻن کي سوگھو ڪري لاڪب ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.