سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف راڻيپور ۾جسقم جي ريلي، ڌرڻو

راڻيپور (رپورٽ فياض حسين راڄپر) سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف جسقم تعلقه سوڀوديرو پاران جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾  باب احمد شاھ کان ريلي ڪڍي پاڻي ناهي ڇو ڀلا  ڪربلا ڪربلا جا نعرا هڻندا ريلي قومي شاهراھ کان ٿيندي پريس ڪلب راڻيپور پهتي. جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ريلي کي  جسقم مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنهل ساريو فقير امداد منگي مجيب آزاد ڀيلار ڪرم سامٽيو اياز سهتو ڊاڪٽر نذير کوکر ايڊوڪيٽ نور اللہ تنيو خطاب ڪندي چيو ته پنجاب جا پنج دريا وهن ٿا ۽ 42 ڪئنال بند نه ٿي سگهيا آھن ته پاڻي جي کوٽ سنڌو دريا ۾ ڇو آھي سنڌ کي پاڻي ڇو نٿو ڏنو وڃي اها سنڌ سان ويساھ گهاتي آھي جيڪڏھن سنڌ کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي ته سنڌي ماڻھو  احتجاج طور بلدياتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪن ڪنهن کي به ووٽ نه ڏين ته خبر پئجي ويندي ته هو سنڌ سان ڪيترا سچا آھن   سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ کي اسين پنجاب جي طرفان سنڌو درياء  تي قبضاگيري تصور ڪيون ٿا.  سنڌ کي سڪائي پنجاب جي پنج ڪروڙ زمين  آباد ڪئي پئي وچي پنجاب جا 42 ڪئنال تارون تار وهي رهيا آھن جڏهن تہ سنڌ کي مڪمل سڪايو ويو آھي سنڌو درياء تي سنڌ جي وارثي جو ڪائناتي حق تسليم ڪيو وڃي سنڌ جي عوام قربانيون ڏنيون پنجاب سامراج هميشه سنڌ تي وار ڪيا ڪڏھن معيشيت تي ڪڏھن پاڻي تي قابض ٿي ڪري سنڌ کي سڪائڻ جي بين القوامي سازش ڪري پاڻي بند ڪيو ويو سنڌ جا مروائڙا سنڌ جا آبادگار پاڻي جي ڦڙي لاء سڪي رهيا آھن هي حڪمران وڏي ڀاءۡ جي ڪرادار نڀائڻ خاطر سنڌ جو پاڻي به بند ڪيو پيو وڃي  هنن سنڌ جي ست ڪروڙعوام کي اپيل ڪئي تہ پنجاب جي قبضي پرستي خلاف آواز بلند ڪن جئين هنن کي خبر پئي سنڌ جا ماڻھو سجاڳ آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.