ڏوڪري ۾ بدامني، 50 لکن جي چوري واپس نه ٿي، پوليس خاموش

ڏوڪري  ( ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان ٻلھڙيجي مان نامياري اديب ليکڪ ۽ انفارميشن کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر قربان پيرزادي جي گهر مان 50  لکن کان وڌيڪ ماليت جو سامان چوري ٿي ويو آهي جنهن جو ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو چورن جا پيرا کڻڻ لاءِ پيري گهرايا ويا آهن فنگر پرنٽ ورتا ويا ان ڏس موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ گذريل سومر واري رات جو نامعلوم چور اطلاعات کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ليکڪ قربان پيرزادو ۽ سماجي اڳواڻ انجنيئر حسن علي پيرزادي ۾ داخل ٿي ڪمرن جا تالا ٽوڙي 4 الماڙين جا تالا ڀڃي لکين رپين جا سونا زيور روڪ رقم لائسنس وارا 5 هٿيار ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن گهر ڀاتي جئين ئي ننڊ مان اٿيا تہ گهر جي ڪمرن ۽ الماڙين جا تالا ٽٽل هئا ۽ انهن ۾ پيل 50 لکن کان وڌيڪ ماليت جو قيمتي سامان چوري ٿيل هو. اهڙو اطلاع موهن جو دڙو ايئرپورٽ پوليس کي ڏنو ويو آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واردات واري هنڌ جو جائزو ورتو ۽ گهر ڀاتين کان تفصيل پڻ ورتا. هوڏانهن چورن جا پيرا کڻائڻ لاءِ پيري به گهرايا ويا ۽ فنگر پرنٽ پڻ ورتا ويا. هوڏانهن ليکڪ اديب قربان پيرزادي جي گهر مان چوري ٿيڻ واري واقعي تي ساڃاهه وند ڌرين افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.