رتوديرو لڳ زخمي حالت ۾ مليل نوجوان چانڊڪا ۾ فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) رتوديرو ٿاڻي جي حد ڀانڊو قبو وٽان زخمي حالت ۾ هٿ آيل نوجوان چانڊڪا اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو  جنهن جي سڃاڻپ روهڙي واسي رياض ملڪ طور ٿي آهي سڃاڻپ بعد رتوديرو پوليس وارثن سان رابطو ڪري کين لاڙڪاڻي گهرائي ورتو جن اسپتال پهچي نوجوان جو لاش ڏسي اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي پراسرار نموني فوت ٿيل نوجوان جي ڀيڻ زينب پنهنجي ماسي پري خاتون سان گڏجي دانهيو ته ڀاءُ رياض ملڪ مزدوري ڪندو هو کيس 8 ٻارڙن جو اولاد آهي جيڪو ٻه ڏينهن اڳ گهران ڪم سانگي گهران نڪري ويو جنهن کان پوءِ اڄ پوليس ٻڌايو ته هو زخمي حالت ۾ هٿ آيو جيڪو اسپتال داخل آهي پر اڄ هو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي پر ان جي باوجود اسان سان ايڏو وڏو ظلم ڪيو ويو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس ملوث ڀاءُ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي رتوديرو پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ وارثن نوجوان جي قتل جو شڪ ظاهر ڪندي وارث پوسٽ مارٽم کان منع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون تمام جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون. هوڏانهن نوجوان جو لاش وارث ايمبولينس ذريعي روهڙي کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.