لاڙڪاڻي جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي کوٽ برقرار، آبادگارن جون دانهون

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب لاڙڪاڻي جي واهن ۽ شاخن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، پاڻي نه ملڻ تي مختلف ڳوٺن جي آبادگارن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوڏر ۽ بيلچا کڻي ابڙو شاخ جي کاٽي ۾ مصروف ٿي ويا جن پاڻي ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ ابڙو شاخ جي آبادگارن کي زرعي پاڻي نه ملي سگهيو جنهن ڪري ڳوٺ لال ڏنو، رئيس گامڻ خان چانڊيو، نائچ، طالباڻي جت، پيلجو ککراڻي، ملگاڻي، ڪوڏراڻي ۽ ٻين مختلف ڳوٺن سان واسطو رکندڙ ڳوٺاڻا سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن جن پنهنجي مدد پاڻ تحت هٿن ۾ ڪوڏر ۽ بيلچا کڻي ابڙو شاخ جي کوٽائي پڻ ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن ۽ هارين محمد علي، دين محمد ملگاڻي ۽ ٻين دانهيو چيو ته آبپاشي کاتي جي ڪامورن جي نااهلي سبب ابڙو شاخ ۾ هن وقت تائين زرعي پاڻي نه پهچي سگهيو آهي جنهن سان اسان ساريالي فصل نه ٿيڻ جو خدشو آهي ان لاءِ ڪيترائي ڀيرا آبپاشي کاتي جي عملدارن کي شڪايتون ڪيون پر هو مسلسل ڪن لاٽار ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته پاڻي نه ملڻ جي ڪري اسان وٽ پيئڻ جي پاڻي توڙي چوپائي مال جي لاءِ به پاڻي ناهي جنهن ڪري جانور اُڃ مري رهيا آهن ۽ فصل تباهه ٿي رهيا آهن پر آبپاشي کاتي وارن کي ڪو به رحم نه پيو اچي. هنن چيو ته اسين پنهنجي زمينن تي سخت محنت ڪري پئسو به خرچ ڪندا آهيون ڇاڪاڻ اسان جي آمدني جو ذريعو صرف زراعت آهي ۽ ٻي ڪا به آمدني نه هئڻ جي ڪري اسان جي زندگي جو دارو مدار ساريالي فصل تي هوندو آهي پاڻي فراهم نه ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.