حيدرآباد ۾ ڀيل برادري جو مغوي ناري جي آزادي لاءِ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي ڳوٺ سانوڻ گوپانگ جي رهواسي ڀيل برادري جي عورتن نوجوان ناري ڀوري ڌي واڌو ڀيل جي بازيابي لاءِ پيءُ واڌو ڀيل، ماءُ خاتون ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب  سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ناري جي ماءُ خاتون ڀيل چيو ته سندس ماسي جو پٽ کيتو ڀيل 20 ڏينهن اڳ سندس ڌيءُ کي اغوا ڪري سانگهڙ جي هڪ زميندار وٽ پناهه ورتي آهي. هن چيو ته هندو مذهب موجب رت جي رشتي سان شادي نه ٿي سگهي، جيڪڏهن سندس ماسات کيتو ڀيل سندس نياڻي ڀوري سان شادي ڪئي ته اهو عمل غير مذهب هوندو. هن ڊي آءِ جي حيدرآباد ، ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته سندس ڌيءُ کي بازياب ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.