دادو ۾ قتل ٿي ويل عورت جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، وارثن جو احتجاج

دادو ( ڊ ر)  9 ڏينهن اڳ دادو ڀرسان ڳوٺ شيخ گلاب ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل عورت صفوره ڌي ٻاجهي چانڊيو جا قاتل گرفتار  نه ٿيڻ خلاف وارثن غلام رسول چانڊيو، ارشاد چانڊيو دادو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته 9 ڏينهن گذرڻ باوجود قاتل قانون کان آجا آهن. ، هنن چيو ته جهلو ٿاڻي تي جوابدارن رجب چانڊيو، مور چانڊيو، صالح چانڊيو، شهمير چانڊيو، علي بخش، شبير چانڊيو، عمر چانڊيو، بخشل چانڊيو سميت 9 ڄڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهي، جهلو ٿاڻي جو ايس ايڇ او با اثر جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي کين گرفتار نه پيو ڪري، هنن چيو ته با اثر جوابدار ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پوليس با اثر جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته عورت صفوره چانڊيو جا قاتل گرفتار ڪري کين جوابدارن سان ٻٽ بڻيل ايس ايڇ او جهلو خلاف ڪاروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.