گولاڙچي جي دبي ۽ ڌاڌرڪوشاخ جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو

گولاڙچي  ( رپورٽ : عيدن زيدپور )  گولاڙچي م پاڻي جي شديد کوٽ سبب دبي ۽  ڌاڌرڪو شاخ جي آبادگارن ۽ ھارين پاران گولاڙچي لڳ بس اسٽاپ ڌاڌرڪو فارم تي مين حيدرآباد گولاڙچي روڊ احتجاجن ڌرڻو هڻي  بلاڪ ڪري ڇڏيو آبادگارن جي ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل رهي، آبادگارن جي احتجاج ۾ مقامي آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي آباد گار اڳواڻ حاجي صالح نوتڪاڻي  آبادگار اڳواڻ ۽ ضلعي بدين سان تعلق رکندڙ قومي عوامي تحريڪ جي متحرڪ سياسي اڳواڻ،اصغر نوتڪاڻي، جسقم جي ناز نوتڪاڻي، عوامي تحريڪ اڳواڻ جاکرو نوحاڻي ۽ ٻين پاران خطاب ڪندي چيو ته بدين ضلعي جي ماڻهن جي گذر سفر جو سڌو سنئون تعلق ساريار فصل سان آهي هڪ طرف فصل جي پوکائي جو وقت هٿن مان نڪري رهيو آهي ته ٻئي ته اڃا تائين پاڻي جي کوٽ سبب ٻيجارو به ناهي پوکجي سگهيو، جيڪا صورتحال هتان جي ماڻھن کي بدحالي طرف ڌڪي رهي آهي، آبادگارن سان مقامي پ پ قيادت ڳالهيون ڪري پاڻي جي فراهمي جي خاطرين کانپوء ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.