راڌڻ لڳ سنڌو درياءُ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل نينگر جو لاش هٿ

راڌڻ (ن ع آ) نئون ڳوٺ شھر ڀرسان ڳوٺ جاڙو ڪلھوڙو ۾ مال چارڻ لاء ويل 9سالا معصوم سهيل پٽ لقمان ڪلھوڙو جو لاش ڳولڻ لاء  سندس وارثن ۽ مقامي ماڻھن پاران پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪنڊيارو مان ٽوٻا گھرائي سنڌو درياء مان معصوم سھيل ڪلھوڙو جي لاش جي ڳولا جاري رکي ھوڏانھن علائقي جا ماڻھن پاران ٻيڙين تي ڇڙھي پڻ معصوم جي لاش جي ڳولا ڪندا رھيا جڏھن ته ٽوٻن پاران درياء ۾ لڳاتار ڳولا ڪرڻ تي 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد معصوم سھيل ڪلھوڙو جو لاش ٽوٻن کي هٿ اچي ويو آھي جڏھن ته لاش گھر پھچڻ تي سندس گھر۾ قھرام مچي ويو سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا جڏھن  معصوم سھيل ڪلھوڙو 13سالابلاول ڪلھوڙو  کي سندس وارثن پاران سوين آلين اکين سان اباڻي قبرسان ۾ دفنائي مٽي ماء حوالي ڪري ڇڏيو جڏھن ته سندس تڏو ڳوٺ جاڙو ڪلھوڙو ۾ وڇايو ويو آھي ۽ مرحوم جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو پڻ جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.